25 جمعو , مئي 2018

رستا روڪ باوجود ڪارڪنن جي آمد، سيد خاندان ۽ ايس يو پي جي ريلي

سن : سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي ايس يو پي ۽ سيد خاندان جي طرفان صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ٿي گذري جيڪا سڄي رات جاري رهي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي فنڪار شفيع فقير، صوفي ڀاڳچند، سنجي صوفي سنگ سيد الهه ورايو شاهه، جاني چانڊيو عليشير ڇڇر ،رفيق ڪانڌڙو،نبي بخش سولنگي عبدالرشيد عمراڻي ،ابراهيم شاهاڻي صوفياڻي محفل ڪري سيد جي ڪيل قومي جدوجهد تي کيس ڀرپور نموني سان ڀيٽا پيش ڪئي، جيڪا محفل پرهه ڦٽي تائين جاري رهي.محفل ۾ سيد ڊاڪٽر ضياءَ شاهه، سيد منير حيدرشاهه ، ايس يوپي جي مرڪزي قيادت سيد غلام شاهه، روشن علي ٻرڙو، ڊاڪٽر دودو مهيري ،پير خليل جان سرهندي ، حافظ بخشل سيهڙو ،صوفي عمران سومرو ،مير مولا بخش لغاري ،ايڊووڪيٽ مير مڱريو،سميت پوري سنڌ مان آيل سيد جي پانڌيئڙن شرڪت ڪئي جڏهن ته رات جو ٺيڪ 12 بجي سيد خاندان ۽ ايس يو پي جي مرڪزي قيادت درياهه واري بنگلي کان پيادل ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خوشحالي جي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون،.ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد برصغير جو خاص طور تي ملڪ جي سياست کي قومي بنيادن تي سياست جا معيار رکيا،بقول سائين جي ايم سيد جي ته سياست هڪ اعلى خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي،جيڪا قوم اجتماعي مفادن جي لاءِ ڪتب اچڻ گهرجي ان کي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي استعمال ڪيو پيو وڃي .گڏيل قومي تصور سائين جي ايم سيد جي سياست جو بنياد هو۽ هن ملڪ جي سياست هر بنياد حالت ۾ اقتدارجي ڊوڙ ۽ دائمي مفادن جو تعين ڪري قوم کي متاثر پيا ڪرائين ۽ اهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن.ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جديد قومپرستي جو باني آهي ايس يو پي سيد جي ڪيل جدوجهد ،فلسفي ،ڪردار ۽ قرباني تي سيد کي سلام پيش ڪريون ٿا،جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو نواز شاھ ڀاڏائي، نسيم شاھاڻي، اياز لنجار جاويد عمراڻي، حبدار ميرجت، رياض خان جتوئي، اياز سنائي اياز سولنگي، غفار ميرجت ڪارڪنن سان گڏجي سن ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي سيد کي قومي تراني سان ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي جسم سربراهه رياض علي چانڊيو چيو ته رياست سن ۾ قومي تحريڪ جي جلسا گاهن تي چڙهايون ڪري سن طرف ويندڙ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو ، اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريو ٿا سن پر امن شهر آهي جتي سائين جي ايم سيد امن۽ ڀائيچاري جي اميد کي جنم ڏنو هو ، ملڪ ۾ اڄ مذھبي انتھاپسندي ۽ ڪرپشن عروج تي آھي ھتي جمهوريت انصاف ۽ قومن جي وجود جي ڳالھه ڪرڻ تي مڪمل بندش آھي ھي وقت ڪھڙي آمريت جو آھي جتي حق جي ڳالھه ڪندڙن کي جبر سان خاموش ڪري ڪچليو ٿو وڃي مخصوص من پسند ۽ تعبيدار سياسي ٻه نمبر قيادت عوام مٿان مسلط ڪئي پئي وڃي سائين جي ايم سيد سياسي ڏاھپ مطابق جيڪي ڳالھيون ڪيون اھي سچ ثابت ٿي رھيون آھن اسلام جو نالو پنجاب جي قبضاگيريت لاءِ استمعال ڪيو پيو وڃي ملڪ ۾ بحران ۽ ڀونچال واري صورتحال آھي اڄ ملڪ ۾ سياسي معاشي ۽ انصاف جي عدم موجودگي جو سبب پنجاب جو ملڪ تي غيرقانوني قبضو آھي حقيقي تضاد ختم ڪرڻ جي بجاءِ روز نوان تضاد پيدا ڪيا ٿا وڃن ان جون ذميوار ملڪ جون قابض قوتون آھن.0329

رستا روڪ جي مذمت، سيد جا پيروڪار نه جهڪندا: نياز ڪالاڻي

سن : جيئي سنڌ تحريڪ شفيع ڪرناڻي گروپ جي طرفان مزار جي ايم سيد تي 23 هين ورسي جي سلسلي ۾ گڏيل طور حاضر ڀرڻ  جي سلسلي ۾جيئي سنڌ تحريڪ شفيع ڪرناڻي گروپ مرڪزي اڳواڻ شبير جمالي سورهيه سنڌي ،  جسم سرور گروپ ، مرڪزي اڳواڻ صوفي حضور بخش ، علي نواز ٻٽ  جسقم آريسر گروپ جو امير آزاد پنهور ، جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ محمد کوکر ، دودو ديشي ،سول سوسائيٽي جو اڳواڻ پنهل ساريو قافلن جي صورت ۾ گڏيل طور مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري گلن جون چادرون ڇاڙهي سيد سان تجديد عهد وفا جو اظهار ڪيو ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيف آرگنائيزر شبير جمالي سورهيه سنڌي ، نصير منگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هن وقت انتهائي ڏوکين حالتن مان گذري رهي آهي سنڌ کي ڌارين جي آبادڪاري ، مذهبي انتهاپسندي معاشي بحران افرا تفري جي ور چاڙهيو ويو آهي سائين جي ايم سيد جي فڪري پوئلڳن جيڪي سنڌ جي آجپي جي ڳالهه ڪن ٿا انهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي پيو جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ محمد کوکر دودو ديشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد زندگي جا 32 سال قيد ۽ بند ۾ گذاريا پر رياست جي اڳيان  آڻ نه مڃي. جنرل ضياءالحق جي مارشل لا جي دور ۾ به هر صورت ۾ سائين جي ايم سيد سن ۾ پنهنجي سالگره ملهائيندو هو پر سائين جي ايم سيد جي 23 ورسي جي موقعي تي رياست جيڪا سن تي چڙهائي ڪئي آهي ڪارڪنن کي حراسان ڪيو آهي ۽ پنڊال ڊاهي سامان ۽ ايڪو سائونڊ پوليس کڻي گم ڪري ڇڏيا آهن اهو مذمت جوڳو عمل آهي. سول سوسائٽي جي اڳوان پنهل ساريو پنهجي وفد جي صورت ۾ سن پهچي مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي دعا گهري ان موقعي تي صحافين سان ڳا لهائيندي چيو ته سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي تي سن پهچي سنڌ جا هزارين ڪارڪنن سيد کي ڀيتا پيش ڪري تجديد عهد وفا ڪئي آهي پر رياست افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان کاهوڙي شخص جنهن پاڪستان جي وجود جي لاءِ سنڌ اسمبلي م قرارداد پاس ڪيو ان جي وڇوڙي واري ڏينهن تي سيد عاشق سيد کي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ سن پهتا ته انهن جي رستا روڪ ڪري انهن کي حراسان ڪيو ويو. جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ساگر حنيف بڙدي جي اڳواڻي ۾ قافلو مزار جي ايم سيد تي پهچي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي سيد جي ڪيل قومي جدوجهد تي کيس سلام پيش ڪيو.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو پر امن قومي ڪارڪنن کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ انهن جي رستا روڪ ڪئي وئي پر سيد جي فڪري پوئيلڳن اهي سموريون رڪاٽون ٽوڙي سيد جي 23 هين ورسي ۾ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو ته سيد سپاهي ڪڏهن به رياست جي اڳيان نه جهڪندا.

سن تي  چڙهائي کليل دهشت گردي آهي: جسقم آريسر

سن:  سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي جي سلسلي ۾ جسقم آريسر جو قافلو پارٽي جي قائم مقام چيئرمين امير آزاد پنهور ،عبدالواحد آريجو، سرمد ميراڻي صالح آريسر جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ مزار تي پهچي حاضري  ڀري. جلسي کي پارٽي وقتي چيئرمين امير آزاد پنهور صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سياسي اختلافن ،ڪردار، جرئت ،ثابت قدمي ۽ رواداري جو نالو آهي ،اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي نجات جو دڳ فڪر جي ايم سيد ۾ آهي ،سنڌ هن وقت گهڻن طرفن کان حملن جو شڪار آهي،سنڌ جا ڪيترائي قومي ڪارڪن ايوب ڪانڌڙو، هدايت لوهار، خادم آريجو،صابر چانڊيو،سهيل ڀٽي ،رضا جروار ۽ بيا رياستي ادارن جي تحويل ۾ آهن،جن کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر انهن جي گرفتاري اڃان تائين ظاهر نه ٿي ڪئي وڃي اسين سمجھون ٿا ته رياست وٽ انصاف جا ٻٽا معيار آهن هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي مستقل ڪرڻ ۽ سنڌ جو مالڪ بڻائڻ جي لاءِ کين قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن اسان اهڙي عمل جي خلاف خاموش نه وينداسون، سن تي رياست چڙهائي ڪري کليل دهشت گردي ڪئي آهي ۽ اسان جي قومي مرڪز سن تي رياست چڙهائي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي سيد جي فڪر کان خوفزدهه ٿي وياآهن. جڏهن ته پيٽارو ٽول پلازا ۽ آمري پل تي پڻ سيد جي ورسي ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ قافلن کي روڪي انهن کي واپس ڪرڻ تان ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون ٿي پيون ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن ان جي باوجود ڪارڪنن جي سن اچڻ سيد جي فڪر جي ڪاميابي آهي، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ عبدالواحد آريجي سائين جي ايم سيد جي 23 ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل فڪري جي ايم سيد ۾ آهي.سرمد ميراڻي اسلم خيرپوري ، تاج جويو ، هوشو پنهور ، ارباب ڀيل ، علي حسن چانڊيو، عثمان پنهور ، جمن سنڌي ابو ديشي ملوڪ کوسو، امير باغي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.03

جيل سختيون سيد کي جهڪائي نه سگهيون: نواز زنئور

سن:  جيئي سنڌ لبرل فرنٽ طرفان سائين جي ايم سيد جي 23 ھين ورسي جي موقعي تي سن ۾ مزار تي حاضري پارٽي چيئرمين نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، بشير ميراڻي، پنھل ساريو،قادربخش زنئور، مظھر عباسي، پپو ڏيرو، وقار چولياڻي ۽ ٻين حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي ترانو پڙھيو، انھي موقعي تي جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چيئرمين نواز خان زنئور مزار تي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد، ھڪ عظيم انسان ھو، جنهن سدائين سنڌي قوم لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ سڄي حياتي پنهنجي ڳالهھ تي اٽل بيٺل رهيو، جيل سختيون کيس جھڪائي نه سگھيون. سيد کي سنڌ سان بيحد محبت ھئي جيڪا ساھ جي آخري ھڏڪي تائين گھٽ نه ٿي، سنڌ اڄ به سيد کي ياد ڪري ٿي. جدوجهد ئي وطن کي بچائي سگهي ٿي، لبرل فرنٽ جي اڳواڻن شھيدن جي مزار تي حاضري ڀري خراج تحسين پيش ڪيو.0330

جسمم ڪارڪن به ريلي ڪڍي پهتا، مزار ي حاضري

سن : سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 23 ورسي جي سلسلي ۾ جسمم جي مرڪزي ريلي مرڪزي قيادت علي نواب مهر ، رضا سنڌي ، غني مڱريو ، شهداد منگلو جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن ڪارڪنن جن جي هٿن ۾ سيد ۽ شفيع برفت جون تصويرون ۽ پينا فليڪس هئا جيڪي انڊس هاءِ وي روڊ کان پيادل مارچ ڪندا سيد جي مزار تي حاضري ڀري سلامي پيش ڪئي جنهن کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي پيراندي کان جلسي گاھ ۾ پهچي سياسي جلسو ڪيو جنهن ۾ صوفي شاھ عنايت ، علي نواب مهر ، غني مڱريو رضا سنڌي ، شهداد منگلو ٻين خطاب ڪندي چيو ته رياست سن جي قومي مرڪزيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي ۽ اڄ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي رياست سڄي سن تي ڪڙو چاڙهي ڪرفيو لاڳو ڪري شهرين توڙي قومي ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان کي رياست سائين جي ايم سيد جي شهر سن ۾ اچڻ کان روڪي نه ٿي سگھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوڪت عزيز ۽ لياقت جتوئي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئب اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے