17 جمعو , آگسٽ 2018

سيد جي ورسي تي سن ڇانوڻي بڻيل، ڪارڪنن جي رستا روڪ، جسقم آريسر جو پنڊال ڊاٺو ويو

سن (رپورٽون: ساگر سولنگي+بابو عمراڻي) جيئي سنڌ   هلچل جي باني ۽ جديد قومپرستن جي پرچارڪ سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي تي سن ڇانوڻي ۾ تبديل ٿي ويو. هنڌ هنڌ تي رينجرز ۽ پوليس چوڪيون، رستن ۽ دريائي پتڻن تي به ڪارڪنن ۽ پانڌيئڙن جي رستا روڪ، ڪتاب به ڦريا ويا، سن انڊس هاءِ وي ،شهر ءِ پتڻ واري پاسي سميت مانجهند، ڄامشورو، سيوهڻ، لاکا سميت مختلف هنڌن تي پوليس اٽالن ۽ رينجرس سڄي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سيل ڪري ڇڏيو، سن ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪيو ويو. سخت تلاشي کان پوءِ شهر وڃڻ ڏنو ويو سيوهڻ لعل باغ وٽ جسم (سهتو) جي سينئر وائيس چئرمين فيض الله جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ کي روڪي کانئن ڪتاب ۽ ڪاغذ ڦريا ويا ڪيترن ڪارڪنن کي روڪي تشدد بعد واپس ڪيو ويو. ڊي ايس پي آمري قادر بخش خاصخيلي ،ايس ايڇ او وڏا ڇڇر ايٽ سن سرائي نواز جي اڳواڻي ۾ 10 ٿاڻن جي پوليس سائين جي ايم سيد جي پيرانڌي کان جسقم (آريسر گروپ) جي جلسي لاءِ لڳايل پنڊال تي چڙهائي ڪري ڪارڪنن تي لٺبازي ڪندي کين زبردستي هٽائي شاميانا پٽي ڊاٽسن ۾ رکرائي ڇڏيا. شهر جا ماڻهو دڪاندار  گھرن ۽ دڪانن تائين محدود رهجي ويا ۽ سوين پوليس اهلڪار شهر جي مختلف گھٽين، رستن جو گشت پڻ ڪري رهيا هئا جنهن جي ڪري ورسي جي موقعي تي لڳل کاڌي پيتي جي دڪانن، هوٽلن ۽ مختلف اسٽالن تي ماٺار هئڻ جي ڪري ڪاروبار  ٺپ رهيو، جڏهن ته پراڻن قومي ڪارڪنن توڙي شهرين اهو چوڻ هو ته ضياء الحق جي مارشل لا واري دور ۾  به سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ٿيندي هئي ڪڏهن به اهڙي صورتحال نه ٿي جهڙي هن جمهوري حڪومت جي دعويدارن جي حڪومت ۾ سن تي ڪرفيو لڳايو ويو آهي جيڪو انتهائي افسوس ناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي. سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي جي سلسلي ۾ مزار جي ايم سيد جي گرائونڊ تي جسقم آريسر گروپ جو لڳل پنڊال تي ڊي ايس پي آمري قادربخش خاصخيلي پوليس اٽالا ساڻ ڪري چڙهائي ڪري ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو،جڏهن ته ڪارڪنن جي طرفان مزاحمت ڪرڻ تي پوليس انهن تي مڇرجي پئي، ميڊيا کي ڪوريج کان روڪي انهن کان ڪئميرائون کسي ڇڏيون ايڪو سائونڊ جي گاڏي به کڻي ويا، جڏهن ته ان سلسلي ۾ سيد جلال محمود شاهه جي ڀاءِ ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه، روشن علي ٻرڙو، جسقم بشير قريشي جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام مزار جي ايم سيد تي پهچي ٻيهر پنڊال لڳرايو، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جي ورسي توڙي سالگرهه هر سال پر امن نموني سان ملهائيندا آهيون  جتي جلسا ٿيندا آهن اها زمين اسان جي پنهنجي آهي اسان جي اجازت کان سواءِ پوليس چڙهائي ڪري اسان جي سن جو تقدس پائمال ڪيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي اهو اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسون.ايس يوپي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي بڙرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سن اسان جي لاءِ مقدس جاءِ آهي جتي دنيا جي عظيم ڏاهي سائين جي ايم سيد جو جنم ٿيو جنهن پنهنجي سڄي حياتي عدم تشدد واري راهه تي هلندي جدوجهد ڪئي اڄ ان جي ورسي جي موقعي تي پوليس گردي ٿي آهي ان جي اسان مذمت ڪريون ٿا، ان مان پ پ پ جي جمهوريت ظاهر ٿئي ٿي ته ان جي ڪري اسان جو سن سياسي ڪعبو آهي ۽ اهو رهندو.033041

سن: سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي جي سلسلي جسقم بشير قريشي گروپ جو قافلو  پارٽي چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي مزارجي ايم سيد تي پهتو جتي گلن جي چادر چاڙهي دعا گھري وئي جنهن کان سائين جي ايم سيد جي سيراندي کان سجايل پنڊال ۾ جلسي جو آغاز ڪيو ويو ، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ نفرت جو  محور سنڌ هئي سائين جي ايم سيد وٽ سنڌ جي مفادن کي اهميت ۽ اوليت هئي جنهن به فرد يا پارٽي سنڌ جي مفادن کي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهي سان سائين جي ايم سيد اختلاف راءِ رکندي انهي فرد يا پارٽي سان جدائي اختيار ڪرڻ کي اهميت ڏني، جسقم جي پاليسي اها آهي ته جيڪو سنڌ جو دوست آهي اهو اسان جو دوست آهي جيڪو سنڌ جي قومي مفادن کي اقتدار جي لالچ ۾ استعمال ڪندو اسين اهڙين پارٽين ۽ فردن سان سخت اختلاف راءِ رکون ٿا . سائين جي ايم سيد اعتدال پسند سياستدان هيو، ڪنهن به انتها پسندي جي وهڪري ۾ نه رهيو دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي ته سائين جي ايم سيد غير جانبدار بلاڪ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي. سائين جي ايم سيد نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پنهنجي سالگرھ جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو هيو ته اسين علائقي يا عالمي سامراجيت جا مخالف آهيون اها ڪهڙي به شڪل ۾ سامراجيت قبول ناهي دنيا جي اندر قومون هجن يا فرد برابري ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي گڏ هلي سگھن ٿيون .سائين جي ايم سيد هڪ سوچ ۽ فڪر ڏنو جنهن ۾ سنڌ سمايل آهي اسين به ان سوچ ۽ فڪر جي وارثي مالڪي ڪندي جدوجھد ڪري رهيا آهيون ڇا سنڌ جي مفادن کي ترجيع ڏيڻ ۽ اهميت ڏيڻ ڪو ڏوهه آهي ؟ هي ٻٽا معيار آهن پنجاب جي مفادن کي ترجيح ڏيڻ درست آهي ۽ سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ڪرڻ گناھ آهي اهڙي روش انتهائي افسوس ناڪ آهي سنڌ جي اندر ڌاري آبادڪاري جي وڌندڙ ٻوجھ جي ڪري سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي. ڌاري آبادڪاري جي ڪري سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي وڌي رهي آهي جيڪا معاشري لاءِ ناسور آهي انڪري اسان ڌاري آبادڪاري قبول نه ڪنداسين نادرا طرفان ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ سهولتن کي اسين سنڌ جي قومي مفادن جي خلاف سمجھون ٿا . نادرا طرفان شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. ڪالا باغ ڊيم سنڌ لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي پاڻي جي اڻهوند ڪري سمنڊ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي  اها کوٽ برقرار رهي ته ٿوري عرصي ۾ بدين ۽ ٺٽي جو وجود مسمار ٿي ويندو، ڪيترن ئي ڏينهن کان گم شده جساف ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر صوفي حامد سنڌي کي جلد آزاد ڪيو وڃي . جلسي کي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد هميشه ڌرتي جي آزادي ۽ خوشحالي ۽ سنڌي ماڻهن جي گڏ ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي وقف ڪري سڄي عمر قيد ۾ بند رهيو، سنڌ جي آزادي جي ڳالهه اڄ سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن مان واضع طور تي ملي ٿو ته سيد جو فڪر ۽ موقف حقيقت تي ٻڌل هو ۽ اڄ به سنڌ دشمن قوتون جيڪي سنڌ کي ڦري ۽ لٽي رهيون آهن ، سنڌ مان سائين جي ايم سيد جي ورسي ۾ شرڪت ڪندڙن قومي ڪارڪنن جي قافلن کي روڪي انهن کي هراسان ڪيو ويو آهي جيڪو اسان کي سيد جي فڪر تان هٽائي نه ٿو سگھي، سن تي رينجرس ۽ پوليس جو ڪڙو ۽ جسقم آريسر گروپ جي پنڊال جا شاميانه ڊاهڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته فڪر جي ايم سيد ڪاميابي ماڻي چڪو آهي ۽ رياست ان مان ڊنل آهي ، جلسي کي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سياسي فڪر جي ذريعي قومي سوچ ۽ سجاڳي پيدا ڪئي سنڌ جي مفادن لاءِ سائين جي فڪر کي مشعل راھ بنائي جدوجھد ڪنداسون ته سنڌ جو ڪيس قومي طور تي طاقتور شڪل ۾ قوم تائين پهچندو. سيد جي فڪر کي روڪڻ سان خراب نتيجا نڪرندا جنهن جي ڪري قومن جو تضادن جو نبيرو ڪيو وڃي، ورسي جي جلسي کي ڏاڏو اطهر سومرو، قاري گهانگھرو، ديدار شام، جساف جي مڪزي صفدر تنيو ۽ ٻين خطاب ڪيو.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Recommendation to submitting submissions commission between 8 to 10 October: Sources

صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي، وزيراعظم چونڊڻ لاءِ اڄ پولنگ

اسلام آباد   (م ڊ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، نئين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے