25 جمعو , مئي 2018

سنڌ ۾ آءِ جي جا اختيار کسڻ جو بل تيار، پوليس حڪومت جو قانون رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ ) سنڌ سرڪار طرفان پوليس ايڪٽ لاءِ تيار ڪيل ڊرافٽ تي آءِ جي پوليس جو اعتراض، آءِ جي پوليس پاران به ڊرافٽ ٺاهي ڏيڻ جو فيصلو، سنڌ سرڪار ۽ پوليس اختيارين ۾ پوليس ايڪٽ بابت ڳالهيون ناڪام، معاملي جي حل لاءِ سب ڪميٽي قائم، ڪالهه قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ پوليس ايڪٽ بابت اعليٰ سطحي اجلاس سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾  ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال، ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا، ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. ذريعن موجب سنڌ سرڪار پاران نئين پوليس ايڪٽ بابت تيار ڪيل مسودي بابت آگاهي ڏيندي چيو ويو ته ايڪٽ کي سنڌ پوليس ايڪٽ 2018 جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن تي فوري عملدرآمد ڪيو ويندو، ان لاءِ پوليس ايڪٽ ۾ ترميم جو بل سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ سيشن ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو، جنهن ۾ آءِ جي جي مقرري ۽ ان خلاف ڪارروائي لاءِ وفاق کي وڏو وزير سفارش ڪندو. جي آءِ ٽي گهرو وزير جي منظوري سان جڙي سگهندي، نئين ايڪٽ تحت وفاقي حڪومت آءِ جي جي مقرري لاءِ وڏي وزير جي سفارش ڪيل ٽن نالن مان هڪ کي مقرر ڪرڻ جي پابند هوندي، خراب ڪارڪردگي تي وڏو وزير آءِ جي کي هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار رکندو. جڏهن ته نئين ايڪٽ ۾ جاچ جا اختيار به گهرو کاتي کي ڏنا ويندا، جاچ ۾ عدالت به مداخلت نه ڪري سگهندي، ذريعن موجب نئين پوليس ايڪٽ ۾ آءِ جي جا بدلين ۽ مقررين بابت اختيار گهٽائي صرف گريڊ هڪ کان گريڊ 16 سپاهي کان انسپيڪٽرن ۽ ايس ايڇ اوز تائين جا اختيار آءِ جي کي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته گريڊ 17 جي آفيسر اي ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي بدلي ڪرڻ جا اختيار گهرو وزير ۽ گريڊ 18 ۽ ان کان مٿي ايس پي کان آءِ جي تائين جي آفيسرن جي بدلين جا اختيار وڏي وزير کي هوندا. جڏهن ته جي آءِ ٽي به گهرو وزير جي حڪم سان ئي ٺهي سگهندي،  ذريعن موجب سنڌ سرڪار نئين ايڪٽ لاءِ پوليس کان 24 ڪلاڪن ۾ جواب گهريو آهي، جڏهن ته پوليس اختيارين نئين پوليس ايڪٽ تي خدشن جو اظهار ڪندي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته نئون پوليس ايڪٽ جي پيشواراڻي پوليس معاملن ۾ مداخلت آهي، مسودي ۾ ڪجهه انتظامي ۽ مالي معاملا به ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ آهن، ذريعن موجب آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا سنڌ سرڪار جي نئين پوليس ايڪٽ تي اعتراض واريندي چيو ته آءِ جي جي مقرري جو مدو ٻه بدران 3 سال هجڻ گهرجي، ۽ خيبرپختونخوا وانگر سنڌ ۾ به پوليس جا سمورا معاملا آءِ جي وٽ هجڻ گهرجن، ان تي سنڌ سرڪار کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ سرڪار کي ڊرافٽ پهرين پوليس کي ڏيڻ گهرجي جيئن ان کي پڙهي تجويزون ڏئي سگهجن ها، تڪڙ ۾ ان تي ڪمينٽس نه ٿا ڏئي سگهجن، ان لاءِ وقت ڏنو وڃي، جيئن پوليس پنهنجو ڊرافٽ پيش ڪري سگهي، پوليس ريفارمز لاءِ سنڌ سرڪار، پوليس ۽ سول سوسائٽي کان مشورا ورتا وڃن. ذريعن موجب پوليس اختيارين ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيڻ بعد معاملي جي حل لاءِ سب ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا جلد کان جلد پوليس ايڪٽ تي ڪم ڪري ڌرين کان نيون تجويزون وٺي شامل ڪندي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته سنڌ سرڪار آءِ جي جا اختيار گهٽ نه پئي ڪري، اهڙيون خبرون ٺيڪ نه آهن، جيڪڏهن آءِ جي کي هٽائڻ جي ڳالهه  آهي ته اهو اختيار اڃا سنڌ سرڪار وٽ آهي،  پر اسان جي ڪوشش آهي ته سڀني جو وقار برقرار رهي، هن چيو ته عدالتن جو حڪم آهي ته امن امان صوبائي معاملو آهي، سڪيورٽي ڪنهن ڪنهن کي ڏني وڃي ان لاءِ ميڪنزم ٺاهيون پيا، هن چيو ته جڏهن  به  سڪيورٽي ادارن کي هٿيارن بابت آگاهي ملي ٿي ڪارروائي ڪن ٿا، سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي پوليس نئين پوليس ايڪٽ لاءِ سفارشن خاطر 8 رڪني سب ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ذريعن موجب سب ڪميٽي ۾ گهرو ۽ قانون سيڪريٽرين سميت پوليس طرفان ڊي آءِ جيز شريڪ ٿيندا، جيڪي نئين پوليس ايڪٽ لاءِ گڏ ويهي تجويزون جوڙي ڊرافت تيار ڪندا.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوڪت عزيز ۽ لياقت جتوئي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئب اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے