23 اربع , مئي 2018

پ پ جو نظريو ڀٽو ازم نه شرجيل ميمڻ آهي، پنجاب تي شريف قابض آهن : نديم افضل

ملڪوال (م ڊ) پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻي پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته مون کي نظرئي کان وڌيڪ عوام پيارو آهي، اسپتالن جي حالت ۽ هارين جو حشر ڏسي پي ٽي آءِ ۾ آيو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪوال ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، سندس چوڻ هو ته نظرئي جو نالو ڀٽو ازم آهي، مان ته ڪالهه به ڀٽو هيس ۽ اڄ به ڀٽو آهيان. هن چيو ته مان اڄ به شهيد بينظير ڀٽو جو جيالو آهيان، دل نه پئي چيو ته پ پ ڇڏيان، بلاول کي چوندو هيس ته اچو اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي سياست ٿا ڪيون پر ائين نه ٿيو، پنجاب ڪنهن وقت ۾ پ پ جو ڳڙهه هوندو هو پر هاڻ شريف خاندان پنجاب تي قبضو ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان به حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) فاٽا بل جي معاملي تي مسلم ليگ ن سان اختلاف پيدا ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے