16 خميس , آگسٽ 2018

سورن ڀري سماج جون دانهون ڪوڪون، ڪپهه ڀريل ڪنن تائين ڪڏهن پهچنديون

حميده گهانگهرو

صبح سان وري هڪ دردناڪ لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ جيءُ جهوريندڙ خبر ملي! رڙيون پئي آيون ته، بابا منهنجي واهر ڪر، بابا جيڪو سڄي رات شهر جي گهٽين، گهرن جا در کڙڪائي پڇندو رهيو ته منهنجي ننڍڙي ڪنهن ڏٺي، مسجدون جتي اذانون اينديون آهن، انهن اسپيڪرن ۾ پنجن وقتن کان به وڌيڪ اهي اعلان پيا ٿين ته ننڍڙي معصوم صائمه جروار ڪنهن ڏٺي، سڄي رات جي درد ڀرئي رڙين، ڪوڪن کانپوءِ هڪ رهڙيل، چيريل ابهم معصوم چهري جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، هيءُ معصوم صائمه جروار آهي، هڪڙا زخم اڃا سڪن نٿا ۽ ڳل تان ڳوڙها ختم نٿا ٿين ته وري اوڇنگارون ۽ رڙيون ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون.

لاڙڪاڻو اهو شهر آهي، جنهن کي سياست جو مرڪز  ۽ جمهوريت لاءِ شهيد ٿيل سياسي اڳواڻن جو شهر به آهي. هيءُ ذوالفقار علي ڀٽو جو شهر به آهي ته محترمه بي نظير ڀٽو شهيد جو شهر آهي، هيءُ مرتضيٰ ڀٽو شهيد جو به شهر آهي ۽ اصل ڳالهه  ته انهن شهيدن جي پارٽي جي حڪمرانن جو دور آهي، پر لاڙڪاڻي جو عوام ويڳاڻو آهي. سُرن ۽ گيتن تي خوشيون وکيرڻ واري ثمينا سنڌوءَ جي قبر جي مٽي به اڃان نه سڪي هوندي ته گورڪن هڪ ٻي قبر تيار ڪرڻ لاءِ اچي پهتو،

ڇا اسين هن وقت صرف قبرن جي اڏاوت ڪرڻ واري قوم بڻجندا ٿا وڃون؟  يا وري بي حسي جي انتها ٿيندي ٿي وڃي. پهرين چورن، ڌاڙيلن جون خبرون هونديون هيون ته هيئن کاٽ هڻي گهر ٻهاري ويا. پيرا کنيا ويندا هئا ۽ ڪافي حد تائين انهن جي کوجنا کانپوءِ چوريون ملي به وينديون هيون. دور بدلبا رهيا وارداتن جا نت نوان طريقا ايجاد ٿيا، جتي دنيا ايتري ترقي ڪئي آهي، اتي وري نفسا نفسي، بک، بيروزگاري جو ڄار به وڃائبو ٿو وڃي.

دهشتگردي ته ڄڻ انهن سڀني عملن جي اڳواڻ آهي. دهشتگرديءَ جي وبا کي ختم ڪرڻ لاءِ غور فڪر ٿي رهيو آهي ته مٿان نياڻين سان زيادتيون، وري تشدد ڪري لاش ڦٽا ڪرڻ ڪهڙي انسانيت جي دائري جي سڃاڻپ آهي. باب بلهي شاهه نگري مان زينب سان ٿيل ڏاڍائي ۽ اذيت ناڪ موت جو رت به نه سڪو هوندو ته ڪيترن ئي واقعن جي تسلسل کانپوءِ  هڪ ٻيو واقعو ڇا انهيءَ ڪيس کي به صرف هڪ خبر جي حد تائين رکيو ويندو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ قاتلن جي نشاندهي  ٿيندي ۽ سلسلو عدالتن جي شنواين تائين  هلندو، جڏهن ته هي ملڪ مهذب قوم، مڪمل آئين ۽ قانون جو پاسدار آهي، چوڻ تي اهو به چيو ويندو  آهي ته اسين زندهه قوم آهيون. پائندهه قوم آهيون. ڇا هن ملڪ جو عوام زندهه قوم  صرف ووٽ ڏيڻ جي حد تائين آهي. ڪاميابي کانپوءِ ايوانن ۾ جڏهن  حلف کنيو ويندو آهي ته اُن ۾ اهي شرط ناهن هوندا ته هن ملڪ جي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ، لوئي جي لڄ جي پت رکڻ، ملڪي سالميت عوام جو هر طرح تحفظ ڪرڻ ، سياسي، سماجي، اخلاقي ذميواري ۾ شمار ٿئي ٿو.

فضيلا سرڪي جي امڙ ڪيڏي نه درد ڀريي انداز ۾ چيو ته اڄ منهنجي 7 سالن جي اغوا ٿيل معصوم نياڻي 17 سالن جي جوان ٿي چڪي  هوندي، مائرون جتي انهيءَ عمل ۾ ڌيئرن جي شادي جي سجايل ڏوليءَ جا خواب ڏسنديون آهن، مينديءَ لڳل هٿن کي منڊين سان سينگاري هٿن کي چميون  ڏئي اکين تي رکي رخصت ڪنديون آهن. اڄ تائين اهي هٿ صرف ۽ صرف پنهنجي پنهنجي  علائقي جي پريس ڪلب تي ويهي ٻاڏائي رهيا آهن.

جهانگارا ضلعي دادو  جي نياڻي تانيا خاصخيلي جي امڙ ته سنڌ جي وڏي وزير جي قدمن ۾ ڪري پئي هئي، اها اسان جي سنڌجي عورت جي عزت ۽ بقا آهي. جيڪا سنڌ جي عورت نياڻي جي طور ڪنهن خون بخشرائڻ لاءِ ويندي هئي ته امڙ چئي اجرڪ اوڍي خون به معاف ڪيا ويندا هئا. اڄ اهي نياڻيون خون ٿيندي نطر ٿيون اچن . لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ موهن جو دڙو ۽ موهن جو دڙو سنڌ جي سڃاڻپ، پر امن وادي سنڌ جي تهذيب جنهن ۾ ڪي به اهڙا هٿيار نه هئا، جن ۾ انساني جانين جو نقصان ٿئي. انهيءَ ڪري سنڌ جي تهذيب  ۽ ثقافت کي تهذيب ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي. پر 24 اپريل 2018ع جي تاريخ ان تهذيب ان ثقافت  جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي، جتي نياڻي جو اجرڪ سان ڍڪيل مٿو  نه پر چچريل منهن اگهاڙو لاش گهٽي جي مُهڙ ۾ رکيل هجي.

ڇا ان ماءُ کي اها سگهه ٿي هوندي ۽ هوءَ  پنهنجي  ابهم معصوم جي چهري کي ڏسي سگهي هوندي. صائمه جي  پيءُ ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجي ڌيءُ جي لاش کي کنيو هوندو يا پاڙي جي سڀني ماڻهن هن جون ٻانهون پڪڙي پنهنجي ڪلهن تي مٿو رکي پري ڪري  معصوم صائمه  کي پهرين پوليس اسٽيشن پوءِ اسپتال ڀيڙو ڪيو  هوندا.

ضرور ڪا نه ڪا ميڊيڪل رپورٽ ايندي، لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. آُهن ڪُوڪن اڇنگارن ۾ صائمه جو آخري سفر شروع ٿيندو. مڻ مٽيءَ ۾ هڪ معصوم انساني جسم دفنايو ويندو پر اهي احساس، جذبا، معصوم جون ادائون، ابي امڙ جي اڱڻ ۾ کيڏندڙ ڪڏندڙ، يادون، ابي امڙ جا ڌيءُ لاءِ ڏٺل خواب شايد هر نياڻيءَ کي ڏسندي بار بار  زندهه رهن. اُهي ڪڏهن به نه دفن ٿيندا. جڏهن ان جي عمر جي ڪنهن نياڻيءَ جا مينديءَ رتا  هٿ رخصت ٿيندي ڏسندا ته سندن  اکين ۾ به  پنهنجي ڌيءُ جو رت سان ڀريل  چهرو ڳاڙهي ويس بجاءِ اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل نظر ايندو.

وقت انساني زندگيءَ جي هر  لمحي کي پهرين ٻالڪ پڻو، پوءِ جواني، پوءِ پوڙهائپ ۾ نطر ايندو پر اهڙا واقعا سڄي حياتي هڪ جاءِ تي بيٺل انهيءَ معصوم عمر سان نظر ايندا، ها وڌندا صرف سور، ڏک محروميون، مايوسيون ڇاڪاڻ جو اڄ ڏينهن تائين دانهون ڪوڪون ته ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون پر انصاف جي تقاضا طور اميدن جي آسري ماڻهو جيئن ٿا ، شايد اهڙن واقعن جون سزائون ڏوهارين کي گهٽ مليون آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه آخر ڇو ۽ ڪيستائين ٿيندو رهندو. هيءُ امن پسند ڌرتي امن ڏانهن ڪڏهن موٽ کائيندي. اجرڪ نياڻين جي مٿي ڍڪڻ لاءِ  ٺهندا يا لاشن تي وجهڻ جو ڪم ڏيندا. اي ڌرتي تنهنجي سونهن ۽ ساڀيان  امن ۽ سرسبز  شاد آباد ۾ آهي. وس وارا  ڪنن مان ڪپهه ڪڍي اکيون کولي انصاف ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ آرٽسٽ جي رنگن جو ٿيل قتل

امير ڀنڀرو سنڌ سالن کان ڀوڳي پئي ڪڏهن غربت جي لڪير هيٺ ته، ڪڏهن ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے