25 جمعو , مئي 2018

ٽنگيل پارليامينٽ يا تڏا ويڙهه

عارف نظامي

هڪ طرف چونڊون مٿان اچي پهتيون آهن ۽ ٻئي پاسي ملڪ ۾ غيريقينيءَ واري صورتحال سڄي ملڪ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، آئين مطابق 5- جون تي جڏهن ملڪ جي چونڊيل پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪندي ته عين ان ڏينهن کان وٺي ٻن مهينن جي اندر ملڪ ۾ نئين اسيمبليءَ جو چونڊجي اچڻ انتهائي ضروري آهي.

ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ ڪنهن کي به اها پڪ ناهي ته ڪو چونڊون وقت تي ٿينديون پر انهن ڪجهه نگرانن کي اها پڪ ضرور آهي ته انهن کي مقرر وقت تي نگران قرار ڏنو ويندو.  جڏهن ته نئين ٿيل آدم شماريءَ بعد چونڊن لاءِ حدبندين وارو معاملو پڻ حساس نوعيت جو آهي.

ڪيترن ئي سياستڪارن کي اهي شڪايتون پڻ آهن ته هاڻوڪين ٿيندڙ حدبندين ۾ سندن جي حلقن جي ڦير ڦار ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جاويد باجوهه ڪجهه ڏينهن اڳ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته ڪجهه فني بنيادن تي چوندون ڪجهه هفتا ملتوي ٿي سگهن ٿيون.

ملڪ ۾ چونڊن جي ملتوي ٿيڻ متعلق ڪجهه فني معاملن کان سواءِ به ڪجهه اهڙيون اڻٽر مشڪلاتون ۽ مسئلا ضرور آهن جن جي ڪري اهو چوڻ بجا نه ٿيندو ته چونڊون ڪجهه هفتا ملتوي ٿي سگهن ٿيون، چونڊن کان اڳ وارن اتحادن پڻ اهڙي اندازي ۽ شڪ کي هٿي ڏني آهي ته ملڪ ۾ ضرور ڪنهن سياسي انجنيئرنگ جو عمل جاري آهي. اها ڳالهه به آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي پئي ته مسلم ليگ ن به پنهنجي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، اخباري اطلاع اهي به آهن ته حڪمران ڌر مان ڪجهه پارليامينٽرين مسلم ليگ جي جهاز مان ٽپو ڏين لاءِ تيار آهن، بس انهن کي رڳو پنهنجن مالڪن جي اشاري جو انتظار آهي.

ملڪ ۾ اهڙن پارليامينٽرين جو فصل هر وقت تيار رهي ٿو جيڪي پنهنجيون پارٽيون مٽائيندا رهن ٿا، بدقستيءَ سان اهو عمل اسان جي سياسي ڪلچر جو حصو آهي. موجوده سياسي وايو منڊل ۾ اها ڳالهه چٽي ٿيندي پئي وڃي ته جهڙوڪر ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ڪا واضع ڪاميابي ماڻي نه سگهندي.

اسان جي سياسي ڪلچر ۾ پارٽين ۾ اچڻ وڃڻ انتهائي آسان آهي. اهي سياسي ماڻهو جيڪي پنهنجيون پارٽيون ڇڏي چڪا آهن يا ڇڏڻ وارا آهن، اهي اهڙا سياسي عنصر آهي جيڪي هميشه چونڊبا رهندا آهن، مسلم ليگ ق جا اهڙا اميدوار جيڪي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيا ته جيئن وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪري سگهن.

ماروي ميمڻ اوچتو ئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون ذميواريون سنڀالي مراعتون حاصل پئي ڪري، کيس مسلم ليگ ن ۾ چار سالن رهڻ بعد اهو احساس ٿيو ته مسلم ليگ ن ۾ پنهنجا نوازيا ٿيا وڃن، ماروي ميمڻ ان کان اڳ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پنهنجي رهبر جي خاطرداري ڪندي رهي آهي.

سياست ۾ نيئن داخلا وٺندڙن لاءِ تحريڪ انصاف هڪ اهم ۽ مناسب پارٽي آهي، اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ” ڪنگ ميڪر“ پارٽي آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هڪ قداور اڳواڻ نديم افضل چن ڪجهه ئي ڏينهن اڳ شموليت ڪئي آهي.

عمران خان پنهنجيون سياسي وفاداريون مٽائيندڙن لاءِ پنهنجي پارٽيءَ جا درواز کولي ڇڏيا آهن جڏهن ته هُن مسلم ليگ ن جي باغي اڳواڻ چوڌري نثار لاءِ پڻ پنهنجي پارٽيءَ جي درواز کولي ڇڏيا آهن.

عمران خان جي خواهش آهي ته ڏکڻ پنجاب محاذ جو اڳواڻ مخدوم خسرو بختيار پڻ پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري، پر رحيم يار خان جا مخدوم جيڪي جهونا سياستدان آهن، اهي کيس سٺي نموني ٻڌائي سگهن ٿا ته اقتدار جي بازي ڇا ٿيندي آهي.

انهيءَ جي پس منظر ۾ جهڙوڪر ڪجهه به نه آهي سواءِ چونڊن کان اڳ واري ماحول حمايتي ميمبرن جي ڪوڙن انگ اکرن متعلق دعوائون جنهن جو مقصد چونڊن ۾ وڏي واڪي فتح حاصل ڪرڻ جون ڪي خواهشون آهن، پر حالتون اڃان ڪا ڳالهه واضع ڪري نه سگهيون آهن، نتيجا سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندا.

مسلم ليگ ن هاڻي اهو ڪجهه لڻي رهي آهي جيڪو هُن پوکيو هو، اهي سياستڪار جيڪي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيا هُئا اهي فقط حڪمرانيءَ جا مزا وٺڻ ۽ سياسي فائده حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيا هئا. هن وقت ملڪ جي سياسي منظر نامي ۾ عام طور تي اها ڳالهه واضع طور تي سمجهي پئي وڃي ته ملڪ جي ايندڙ پارليامينٽ هڪ ” هينگ پرليامينٽ“ هوندي جنهن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جي واضح اڪثريت نه هوندي.

ملڪ ۾ هڪ مڪتبه فڪر جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا هر هنڌ موجود نظر ايندي آهي، ان جو خيال آهي ته ملڪ جون سياسي پارٽيون خاص ڪري مسلم ليگ ن جڏهن به چونڊجي ايندي آهي ته ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ايندي آهي. نواز شريف جنرل مشرف جي دور ۾ ملڪ مان بي دخل ڪرڻ بعد پاڪستان جي چونڊن ۾ واضع طور ۽ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي هُئي. هُن پنهنجي اڪثريت مينڊيٽ کي فقط پنهنجو پاڻ کي سياسي طور تي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ کي امير المومنين بنائڻ لاءِ وڏو زور لڳايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته کيس سندس خواهشن جي پورائي لاءِ جيڪي هُن ڪوششون ڪيون فوجي قيادت سندس اهڙي هر ڪوشش کي اڀرڻ کان اڳ کي چيڀاٽي ڇڏيو.

موجوده صورتحال جي پس منظر ۾ سياسي ڌرين وچ ۾ ميلاپ جو هڪ عجيب طريقو سلسلو نظر اچي رهيو آهي جيڪو گهڻ ڌرئي ميلاپ جهڙو آهي اهڙو ميلاپ جنهن ۾ هڪ کان وڌي ڌريون شامل هجن، ڪابه پارٽي ان حيثيت ۾ نه آهي جو چئي سگهجي ته اها پارٽي سواءِ ڪنهن تڪرار جي ڪا فتح حاصل ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته آزاد اميداورن جي حمايتن جو سلسلو پڻ علائقائي، لسانيت ۽ مذهبي حوالي سا ٿئي ٿي، ننڍِن پارٽين جي حمايت ئي اهو طئه ڪندي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي پارٽي حڪومت ٺاهيندي.  پر وري به حڪومت ٺاهڻ جو موقعو وڏي صوبي وٽ ئي آهي ۽ پنجاب ۾ ٻين حوالن کان سواءِ مسلم ليگ ن جو مضبوط ڳڙهه آهي.

نواز شريف پنهنجي ناهليءَ بعد جيڪي به ڪارڊ کيڏيا آهن اهي تمام هوشياريءَ سان کيڏيا آهن. تمام وڏيون ۽ ڪامياب ريليون ڪڍڻ کانپوءِ ڪامياب ضمني چونڊن بعد مسلم ليگ ن اهو ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي سياسي منظر ۾ مسلم ليگ اڃان هڪ با اثر جماعت آهي جيڪا چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي.

ملڪ جي سياسي پسمنظر ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته مسلم ليگ ن جا 80 ايم اين ايز پارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، پر اهڙو عمل اڃان تائين ٿي نه سگهيو آهي، پر ان جي ابتڙ فقط 15 ايم اين ايز مسلم ليگ ن جي جهاز مان ٽپو ڏئي چڪا آهن، توقع اها پئي ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ جيئن ئي نگران حڪومت جو سيٽ اپ مڪمل ٿي ويندو ته مسلم ليگ ن مان ميمبرن جي اهڙي ڀاڄ رڪجي ويندي.

جڏهن ته ننڍو شريف جهڙوڪر پنهنجين پاليسين ۽ سياسي حڪمت عملين مان اسٽبلشمينٽ جو حمايتي لڳندو آهي ۽ هو ان خيال ۾ نه آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان وڙهجي.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ نواز شريف کان علحدگيءَ جو اعلان ڪري نه ته کيس سياسي طور تي بااختيار نه سمجهيو ويندو، ڇو جو پارٽي اڃان تائين نواز شريف جي چوڌاري ڦري رهي آهي جيڪو مسلم ليگ ن لاءِ ووٽ حاصل ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جو اڳواڻ عمران خان سياسي ميدان ۾ ڪجهه ڪاميابيون ماڻيندو نظر اچي رهيو آهي، هُن ڪجهه ئي ڏينهن اڳ پنهنجي پارٽيءَ جي 20 – ميمبرن کي خيبر پختون خواهه اسيمبليءَ ۾ ووٽ وڪڻڻ جي الزام ۾ پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ڪا خاص حيثيت نه پئي رکي، مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جو مقابلو ئي اهو واضع ڪري سگهندو ته ايندڙ حڪومت ڪيئن ٺهندي ۽ ڪير ٺاهيندو. جڏهن ته ڏسڻ ۾ اهو ٿو اچي ته مسلم ليگ ن پ پ کان سواءِ سموري مخالف ڌر سان پنهنجي انڊر اسٽينڊنگ ٺاهڻ چاهي  ٿي.

پي ٽي آءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي ته پنجاب ۽ پختون خواهه مان ڪامياب ٿئي.

ٻئي طرف سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته چونڊن جا نتيجا ملڪ ۾ ڪا بهتري آڻي نه سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام سان محبتون يا مڪاريون؟

شفيق الرحمان شاڪر اسان جي ديس ۾ زندگي گھارڻ ڏاڍي ڏکي ٿيندي ٿي وڃي.گھڙيءَ گھڙيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے