24 خميس , مئي 2018

ماحولياتي گدلاڻ ۽ تباهي تي پهتل انسان

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ

هن ڌرتي تي لکين سالن کان جانور رهندا هئا پر انهن ڪڏهن به فطرتي ماحول کي خراب نه ڪيو، انسان کي پنجاهه هزار سال ٿيا آهن، هن تباهي ڪري ڇڏي آهي،  آخر ڇو ؟ ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته انسان هڪ سوچيندڙ جانور آهي،  مسلسل سوچ هميشه تبديلي ڏانهن وٺي ويندي آهي، انسان تبديلي جي  فطرت ۾ واپاري دنيا پيدا ڪئي دولت جا انبار گڏ ڪرڻ، شيون پيدا ڪرڻ آسائشيون ڳولڻ، کيس اڻ کٽ هوس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

سائنسدان چون ٿا ڪو وقت هو جڏهن انسان جي محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌيڪ هئي.  انهيءَ جو سبب اهو آهي ته  ٿانيڪي فطرت، انسان کي فطرت سان هم آهنگ ڪندي هئي.  انسان جڏهن باغن ۾، ٻنين ۾ وڻن ۾ جبلن ۾ خاموش فطرت سان گڏ هو ته کيس سندس جذبن ۽ احساسن جو  ساٿ وڌيڪ هو. پر جڏهن سڌ سماءَ جا ذريعا وڌيا، مسافري وڌي، پرنٽ ميڊيا، پوءِ ريڊيو ، فلمون، ٽي وي، پوءِ 24 ڪلاڪ مسلسل شيون گردش ۾ ڦرڻ لڳيون، فطرت چرڻندڙ ڦرندڙ بنجي ويئي،  جنهن ڪري انسان جي ذهن وڌيڪ مصروف رهڻ لڳو، ذهن وڌيڪ سوچڻ لڳو. جڏهن ذهن سوچڻ ۾ مصروف هجي يا شين جي گرش ۾ هجي ته ته سندس احساس، جذبا ختم ٿي ويندا، ڇو ته احساسن ۽ جذبن سان خوشي جو تعلق آهي انهيءَ ڪري خوشي جو احساس ختم ٿي رهيو آهي.

اسان هن ڳالهه کي اڃا هيئن سمجهنداسين ته جڏهن توهان جو ذهن واندو هوندو .  ذهني محنت جي بجاءِ جسماني مشقت ڪندو ته اوترو خوشي وڌيڪ محسوس ڪندو اوترو احساسن  جي ويجهو ويندو. جيترو ذهن واندو  هوندو اوترو اهو جذبن ، احساسن ۽ رشتن جي ويجهو گهڻو ويندو.  وٽس شيون نه هونديون جن سان سندس ذهن مصروف هجي، دل وندرائڻ لاءِ انساني رشتا ۽ ننڍيون خوشيون هونديون.پرجيئن ماڻهو جي اڳيان دنيا فلم بنجي گهمندي ته انسان جو ذهن تيز ترين سوچن ۾ مصروف ٿي ويندو جنهن ڪري محسوس ڪرڻ جي قوت ناپيد ٿي ويندي . اهڙي طرح   سندس زندگي جو جوهر  ”“TO HAVE   ٿي ويندو جنهن ۾ شين جي دنيا انسان جو جوهر ڪڍي مارڪيٽ ۾ رکندي آهي، هاڻي جي دولت اٿئي ته خريد ڪر نه ته  تباهه ٿي وڃ. اهو موڙ آهي هتان انسان “ TO HAVE” جي فلسفي ۾ گهيرجي وڃي ٿو . پنهنجو انساني جوهر وڃائي، پاڻ کي  ” شئي“ بنائي ڇڏي ٿو. گلوبل دنيا ۾ احساس ۽ جذبا صرف سوچن جي گهيري ۾ آيل  وڇوٽي جو نالو آهي، انسان جا دائمي احساس  گم ٿيل هوندا آهن، اصلي انسان جو بنياد “ TO BE”  ۾ آهي .جنهن ۾  پنهنجي هئڻ لاءِ انسان وٽ اخلاق يا سندس هئڻ سندس خوش مزاجي، سندس رشتا  ڪافي هوندا آهن، ڇو ته هو فطرت  جي ويجهو هوندو آهي، تنهن ڪري انسانيت جي ويجهو هوندو آهي، سندس سڃاڻپ اسٽيٽس يا شين سان نه هوندي آهي. جنهن ڪري منجهس هوس ، لالچ، هٻڇ، ڪروڌ، ڪينو نه هوندو آهي.

دنيا جي گهڻن ماهرن انهيءَ تباهي تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪري نتيجا ڪڍيا آهن، ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته انسان ايندڙ نسل کان پوءِ مڪمل مشين ٿي ويندو. کيس نه ته خوشي نصيب ٿيندي ، نه وري احساس ۽ جذبا هوندا، بلڪ ماڻهو جانور هوندو. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته هي هڪ عبوري دور آهي ، اسان نئين سجاڳيءَ واري دور جي چانئٺ تي بيٺا آهيون، دنيا ۾ وڏي تبديلي ايندي، هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. پر ٻڌائي نٿو سگهجي ته اهو دور ڪيئن هوندو؟.

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا پنهنجي آخري ويهن سالن واري دور ۾ داخل ٿي ويئي آهي. ايتري ماحولياتي آلودگي وڌي چڪي آهي، جو ايندڙ ويهن سالن کان پوءِ خطرناڪ سونامي ايندا، طوفان، ۽ خطرناڪ زلزلا ايندا. اهڙي پيشن گوئي تي ٺهيل فلم  هالي ووڊ جي ”دي سين ايندرياز “2015ع  آهي جنهن ۾  اهڙا منظر ڏيکاريا ويا هئا.  اهڙي طرح وائرس اهڙا ڦهلبا جو انسان  کي پاڻ بچائڻ مشڪل ٿي پوندو. معاشيات جي دنيا، ميڊيڪل جي دنيا ۽ سياست جي دنيا  فراڊ تي هلندي، جنهن ۾ ڪي ارب پتي بنجندا ته ڪي وري ڪک پتي ٿي پوندا.

بنيادي طور  ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ کرب پتي سرمائيدارن جو انهيءَ ڳالهه سان ڪو به واسطو ناهي، ته دنيا ڪهڙي تباهي طرف وڃي رهي آهي. وڌندڙ آبادي هڪ ائٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي وسيلن کي تيزي سان استعمال ڪري کٽائي ڇڏيندي. مٺو پاڻي ناپيد ٿي ويندو. فصلن لاءِ پاڻي نه هوندو ، پيئڻ جو پاڻي مهانگو ٿي ويندو،  پاڻي تي جنگيون لڳنديون.

ٻي طرف اسان سنڌ جي صورتحال ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ آبادي جو دٻاءَ حد کان وڌي چڪو آهي. قبضا گيري، جي ڪري حڪومتي ناقص منصوبه بندي جي ڪري صرف ڪاروبار لاءِ پلاٽنگ،  فليٽ ، بنگلا ٺاهڻ جون ڪي سئو کان مٿي اسڪيمون هلن ٿيون، اهو خيال نٿو ڪيو وڃي ته پاڻي، بجلي گئس، ڪٿان ايندي، ڪٿي نيڪال ڪيو ويندو.؟ بس اسڪيمون هلن ٿيون ماڻهو فائل خريد ڪن ٿا. اسٽيٽ جو ڪاروبار هلي ٿو . غريب ماڻهو گهر جي لاءِ رلندو رهي ٿو، پر ان کي گهر نٿو ملي.

هائبرڊ ٻجن جي دنيا سنڌ تي حاوي ٿي ويئي آهي، جلدي ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ زميندار ۽ هاري هائبرڊ ٻج وٺي ٿو. اصلي ٻج ختم ٿي ويا. نه ته هارين وٽ آهن، نه وري مارڪيٽ ۾ ملن ٿا.  انهيءَ ڪري دنيا سڀاڻي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي محتاج ٿيندي، دنيا ۾ جنگين جا طريقا اهڙا به ٿيندا جو ڪنهن ملڪ جو ٻج بند ڪري ڇڏجي ته اهو بک مري ويندو.

سنڌ جي  1980 ع تائين  يعنيٰ گلوبل دنيا کان ٿورو اڳ يا چئجي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کان ٿورو اڳ. ماحول جي صورتحال ايتري خراب نه هئي. سنڌ ۾ جهنگل، ۽ ٻيلا هئا جهنگلي جانور هئا. سنڌ جون اصلي ٻوٽيون، وڻ ، ميوا هئا،  مثال  ڄار ۽ کٻڙ .جن ۾  مڪ ۽ پيرون ٿيندا هئا، ليار  ۽ گيدوڙن جا وڻ عام جام هئا، ڪرڙ، ڪانڍيرا جتي ڪٿي هئا، ڏوئنرا ، پيرون، قم ، پاٻوڙا، ڪوڻيون ،ٻور، ليار، للر، لنب،  مريڙو ، بازار ۾ وڪبو هو. پر هاڻ توهان ٿورو غور ڪريو ٻٻر جو وڻ ختم پيو ٿئي، نم جا وڻ گهٽجن پيا، گدامڙي، ٻير، توت، ليما، ڦاروا، زيتون ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جا اصلي وڻ ختم ٿي رهيا آهن، اصلي گدرو نٿو ملي اصلي ڇانهي نٿي ملي. اصلي ڪانڀورو چانورن جو نسل ختم پيو ٿئي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي آلودگي ۽ وڻن جي گهٽجڻ ۽ جهنگل ختم ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ جانورن جا نسل ختم ويا، مثال هاڻي هرڻ ڪونهي، ڦاڙهو  ختم ٿي ويو، گدڙ، بگهڙ، سهيڙ، سهو، شينهن، هاٿي ، ڀولڙو صرف راڻي باغ ۾ وڃي رهيا آهن، نه ته 1980ع ۾ رات جو بگهڙن ۽ گدڙن جون رڙيون ڳوٺاڻان عام جام ٻڌندا هئا . ماهرن جو خيال آهي ته جانورن جي دنيا سان فطرت آباد هئي، انسان جهنگل ختم ڪري ، باغ باغيچا ختم ڪري، قبضه گيري ڪري سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو، ايتري قدر جو ايڪهين صدي جي اڌ تائين ڪانگ کان وٺي ڪٻر ۽ ڪوئل ۽ عام پکين جو به نسل ختم ٿي ويندو.

دولت جي ۽ طاقت جي هوس  زمين جي وسيلن کي تيزي سان کپائي رهي آهي، ايندڙ دنيا جي تباهي جا گهنڊ پيا وڄن، پر ڪابه بريڪنگ نيوز ناهي، مريخ تي ڪو معمولي پاڻي جا آثار نظر اچن ٿا ته دنيا ۾ وڏي خبر ٺهي وڃي ٿي پر ڌرتي تي پاڻي ختم پيو ٿئي، ڌرتي تباهه ٿي رهي آهي ڪابه خبر ناهي، دنيا سياست ۾ مصروف آهي،   دنيا پئسا ڪمائڻ ۾ مصروف آهي. دنيا شين کي ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، دنيا ماڙين اڏڻ  ۽  عياشين جو سامان ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، پر ڪير به خوش ناهي سڀ مصروف آهن، ڪنهن وٽ به احساس ناهي سڀ  ڪم ۾ رڌل آهن، سڀ هڪ اڻ کٽ لڙائي ۾ رڌل آهن، اها لڙائي هوس جي ۽ واهيات مقابلي بازي جي آهي. توهان اڄ به ”ون ملين يئر بي سي“ جو آخري سين ڏسو ته ان ۾ سڀ ماڻهو جانورن وانگر پاڻ ۾ وڙهي رهيا هوندا آهن، اوچتو خطرناڪ سونامي ۽ زلزلو ايندو آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو آهي،  اڄ به لڳندو آهي ماڻهو  ڪنهن آخري سين جو شڪار ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انهن جي موٽڻ سان مرڪ موٽي ايندي..!

محمد خان دائود اُها احتجاجي ڪيمپ ختم ٿي وئي، جنهن ڪيمپ جي ڪري ڪراچي پريس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے