16 خميس , آگسٽ 2018

ڪوڙ ڳالهائيندڙ 22 ڪروڙ عوام تي رحم ڪن: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ وارا 22 ڪروڙ عوام تي رحم ڪن، پاڪستان ۾ ڪوڙ ۽ بهتان تراشي جي سياست نه ٿيندي. اهڙو اظهار هن ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق سان ملاقات دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته الزام هڻڻ سان ملڪ جي خدمت نه پر ان کي کوکلو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت عوام جي ڏينهن رات خدمت ڪئي آهي، عوام خدمت ڪرڻ وارن کي سدائين اکين تي جاءِ ڏيندو آهي. ان موقعي تي سعد رفيق چيو ته مون کان اڳ ريلوي ۾ ڪجهه نه ڪيو ويو، اهو ڪڏهن به ترجيحن جو حصو نه رهيو پر هاڻ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جا عملي قدم عوام اڳيان آهن، قومي کي کوکلن نعرن سان گمراهه ڪرڻ جو وقت گذري ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے