17 جمعو , آگسٽ 2018

افغانستان ۾ داعش جي موجودگي خطي لاءِ خطرو آهي: خرم دستگير

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته افغانستان ۾ داعش جي موجودگي خطي لاءِ عدم تحفظ جو سبب آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي ختم ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي تخت گاهه بيجنگ ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي بچاءَ وارن وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هن پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل جوائنٽ اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ظفر ملڪ، ڊي جي ظهور احمد ۽ بيجنگ ۾ پاڪستان جو ڊفينس اتاشي برگيڊيئير احمد بلال شامل هئا. ان موقعي تي خرم دستگير اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين شهرين ۽ فوجين جي جاني قربانين بابت آگاهي ڏني. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 120 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان  ٿيو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ گڏيل قومي لائحا عمل اختيار ڪيو. هن چيو ته خطو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ شدت پسندي، غربت، واٽر مئنيجيمنٽ نه هجڻ، منشيات، پناهگير، انساني اسمگلنگ ۽ سرحدن جا مسئلا شامل آهن. خرم دستگير چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جا ميمبر ملڪ به گڏيل مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن پر انهن مسئلن سان اسان جي اجتماعي ڪمن ۾ ڪا رنڊڪ نه اچڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے