17 جمعو , آگسٽ 2018

ويندڙ حڪومت کي بجيٽ پيش ڪرڻ جو حق ناهي: بلاول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ويندڙ حڪومت کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو حق ناهي، اها پري پول ريگنگ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته هاڻوڪي حڪومت رڳو 3 يا 4 مهينن جي بجيٽ پيش ڪري سگهي ٿي، رڳو عوام جي ووٽ سان ايندڙ حڪومت کي ئي بجيٽ پيش ڪرڻ جو حق حاصل هوندو. هن چيو ته ويندڙ حڪومت کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو حق ناهي، ان حڪومت طرفان بجيٽ پيش ڪرڻ پري پول ريگنگ جي برابر آهي، ن ليگ حڪومت کي ايندڙ پارليامينٽ جي بجيٽ کائڻ جو ڪو حق ناهي، حڪومت ڪو به قدم ذاتي مفاد لاءِ نٿي کڻي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان ملڪ ۾  عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه نه ٿي رهي آهي، ڪنهن اداري جي قانون کي پنهنجي مفاد لاءِ تبديل نٿو ڪري سگهجي. نديم افضل چن طرفان تحريڪ انصاف ۾ شموليت بابت پڇيل سوال تي پ پ چيئرمين نالو کڻڻ بنا چيو تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيترائي ماڻهو پ پ کان ڌار ٿيا آهن، پارٽي ڇڏيندڙن کي ڪڏهن اهو مقام ناهي مليو، جيڪو اهي چاهين ٿا. هن چيو ته لوٽا ازم جمهوريت لاءِ درست ناهي،  سياست ۾ ايندڙ نوجوان نسل ۾ اها اميد نٿو رکان، پهرين بارگين سميت ٻين معاملن تي ڏسڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته پ پ حڪومت ۾ اچي نيب قانون کي وڌيڪ مضبوط ڪندي، مان عمران خان يا نواز شريف سان گڏ ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان، في الحال منهنجو ڌيان ان تي آهي ته پ پ چونڊن ۾ وڌ کان وڌ سيٽون کڻي ڪامياب ٿئي.00

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے