16 خميس , آگسٽ 2018

عمران خان لاهور جي جلسي ۾ لاهور جا ماڻهو آڻي ڏيکاري: عابد شير علي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته عمران خان کي لاهور ۾ جلسو ڪرڻو آهي ته  لاهور جا ماڻهو وٺي اچي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هن احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته لاهور عمران خان کي اڳ به رد ڪيو ۽ هن ڀيري به مايوس ٿي نڪرندو. هن چيو ته سڄي پاڪستان جا ماڻهو  اچي چئو ٿا ته جبل ڏاريو آهي، جلسو ڪرڻو اٿَو ته ماڻهو به لاهور جا وٺي اچو. عابد شير علي چيو ته عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ تي ايڪشن نه پيو ورتو وڃي، ڊاڪٽر عاصم، شرجيل ميمڻ ۽ ايان علي کي ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو، سڀ چور هڪ هنڌ اچي گڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته اڄ ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ لاءِ احتجاج نه پيو ٿئي، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جا ذموار نيپرا ۽ ڪي اليڪٽرڪ آهي. پاڻي ۽ بجلي بابت مملڪتي وزير چيو ته ڪراچي کي وزير اعظم جي هدايت تي اضافي گئس ڏياري وئي، سنڌ جي وڏي وزير کي چئي ڇڏيو آهي ته 15 ڏينهن ۾ معاملا درست ڪري ڇڏيو، هاڻ ڪراچي ۾ بجلي جو بحران ٿيو ته ذميوار سنڌ حڪومت هوندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …