25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز:سانگهڙ: سپر پريميئر ليگ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، فائنل  ۾ محمدي وائيٽ فاتح

*سانگهڙ  ۾ پهريون سپر پريميئر ليگ ٿي گذريو جنهن ۾ 12 ٽيمن حصو ورتو، فائنل محمدي وائٽ سانگهڙ ۽ ينگ فائٽر سانگهڙ ۾ ٿيو، جيڪو محمدي وائيٽ کٽي ورتو .

ينگ فائٽر ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر ڪيل  8 اوورن ۾ 92 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ فرحان فري،حمزا ڪلهوڙو، توصيف پٺاڻ ۽ آصف ڪمبوهه سٺي بئٽنگ ڪئي

محمدي وائٽ ڪرڪيٽ ڪلب سنسي خيز مقابلي بعد آخري اوور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل ميچ کٽي ورتو

محمدي وائٽ طرفان شعيب ملڪ، ميري، غفور خاصخيلي بهترين بئٽنگ جو مظاهرو ڪيو.

مقابلي جي پڄاڻي تي فاتح  ٽيم جي ڪپتان شعيب ملڪ کي 8 هزار نقد رقم  ۽ ٽرافي جڏهن ته فائينل ۾ شڪست کائيندڙ ٽيم جي ڪپتان آصف ڪمبوهه کي ٽرافي ۽ ٽي هزار رپيا ڏنا ويا…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے