16 خميس , آگسٽ 2018

دانيال عزيز کان توهين عدالت ڪيس ۾ پڇاڻو، ڏوهه مڃڻ کان انڪار

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز تي توهين عدالت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ 3 مئي تي حتمي دليل ڏنا ويندا،. دانيال عزيز جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل سوال ڪيو ته ڇا 15 ڊسمبر 2017ع تي توهان بيان ڏنو جيڪو ٽي وي تي نشر ٿيو؟ دانيال عزيز چيو ته جي ها مون بيان ڏنو، ايڊيشنل اٽارني جنرل پڇيو ته دانيال عزيز صاحب! توهان 19 ڊسمبر تي خانگي ٽي وي تي بيان ڏنو؟ ڇا توهان جي بيان تي توهين عدالت ٿي؟ جنهن تي دانيال عزيز چيو ته هن پنهنجي زندگي عدليه جي آزادي لاءِ گذاري. عدليه کي انتظاميا کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ قانون جي پرچار ڪيو. جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان اهو جواب ڏئي رهيا آهيو؟ دانيال عزيز چيو ته توهين عدالت ناهي ڪئي، ان بابت سوال جي ترديد ڪيان ٿو. جسٽس عظمت چيو ته ڇا ڪجهه ٻيو به چوڻ چاهيو ٿا؟ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي. ان تي جسٽس عظمت چيو ته توهان کي  پهرين ڳالهائڻ کان روڪيو، هاڻ نه روڪينداسين. بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nab Lahore Shahbaz Sharif took away again

جمهوريت جي ٻيڙي ڪن ۾ آهي، ڌانڌلي سٽيل چونڊن سان قومي نقشو بگڙي سگهي ٿو: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے