14 اڱارو , آگسٽ 2018

پي سي بي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ناصر جمشيد کي طلب ڪري ورتو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ناصر جمشيد کي طلب ڪري ورتو آهي. 3 رڪني ٽربيونل تحقيق جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ اوپنر کي 4 مئي تي اين سي اي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي سي بي طرفان ناصر جمشيد تي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي 5 شقن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو هو. بورڊ جو موقف آهي ته پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ناصر جمشيد فڪسنگ بابت ٻن شقن جي به ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي، ٽن رڪني ٽربيونل جي قيادت جسٽس (ر) فضل ميران چوهان ڪري رهيو آهي، عاقب جاويد ۽ شاهه زيب مسعود ميمبرن ۾ شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گواسڪر طرفان عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت کان معذرت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر تحريڪ انصاف سربراهه عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے