25 جمعو , مئي 2018

نيوز: سگا شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۽ سنڌ مدرسي ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سان ملاقات

*سگا شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۽ سنڌ مدرسي ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سان ملاقات جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪراچي ۾ٻولي جي سرڪاري مڃتا واري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪوٺايل ڳالهين واري تقريب کي خطاب ڪندي صحافين، ليکڪن، دانشورن ۽ ٻولي ماهرن چيو آهي ته سمورين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪيا وڃن، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ سنڌ مدرسي ۾ سنڌي شعبا نه هجڻ حيرت جي ڳالهه آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته سنڌي ٻولي کي ادارن مان ڪڍڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي رهي آهي، سنڌي ٻولي جي بچاءُ لاءِ قدم کڻندڙن کي انگريزي ميڊيم اسڪولن جي مقابلي ۾ سنڌي ميڊيم تعليمي ادارا قائم ڪرڻ گھرجن.

”عوامي آواز“ جي ايگزيڪٽو ايڊيٽر ميڊم حميده گھانگهرو ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي يا يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبو ڪنهن به هڪ فرد جو نه پر سڄي سنڌي قوم جو مسئلو آهي، ان ڪري يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 سگا ڪراچي جي صدر اشرف علي کهاوڙ چيو ته سگا سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ جاکوڙي رهي آهي، سگا ڪيترائي ڀيرا سنڌي شعبن لاءِ مطالبا به ڪري چُڪي آهي، پر يونيورسٽين جا وائيس چانسلر ڌيان نه پيا ڏين.

 تقريب جي آخر ۾ سنڌ مدرسا يونيورسٽي، شهيد بينظير يونيورسٽي لياري ۽ شهيد بينظير يونيورسٽي (شهيد بينظيرآباد ) ۾ سنڌي شعبا کولڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Larkana: Irrigation workers protest with missing driver with driver's vehicle

نيوز: لاڙڪاڻو: آبپاشي ملازمن پاران ڊرائيور کي گاڏي سميت گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي ملازمن پاران ڊرائيور کي گاڏي سميت گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے