21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شاهراهه سنڌوءَ تي هانءَ ڏاريندڙ روڊ حادثو

سن ڀرسان انڊس هاءِ وي يعني شاهراهه سنڌوءَ تي هانءَ ڏاريندڙ روڊ حادثو ٿيو آهي، مانجهند ۽ سن جي وچ تي ٿيل ان حادثي ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 25 زخمي ٿيا آهن، فوت ٿيلن ۾ 4 مايون، 2 مرد ۽ ٻه ٻار شامل آهن، شهدادڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس صبح سوير تيز رفتاري سبب اونڌي ٿي وئي جنهن ڪري ننڊ ستل مسافرن ۾ ڪيهون پئجي ويون ۽ هر ڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، عورتون پنهنجي ٻچن ۽ ٻچڙيوال مسافر پنهنجي گهر وارن کي ڪڍڻ جي ڪوشش به ڪندا رهيا ۽ ڪيهون به ڪندا رهيا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوچ جي ڊرائيور جي عمر 60 کان 70 سالن جي وچ تي آهي جيڪو پڻ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، عمر رسيده ان ڊرائيور کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏيندڙ ڪوچ مالڪن خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ هر روز ڪٿي نه ڪٿي روڊ حادثا ٿيندا رهن ٿا، جنهن جا مختلف هنڌن تي مختلف سبب ٿين ٿا، پر مجموعي طور مکيه سبب هڪ آهي جيڪو ڪرپشن آهي، روڊن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جي ڪري روڊ اکڙي وڃن ٿا ۽ حادثن جو سبب بڻجن ٿا، گاڏين ۽ ڊرائيورن جي چڪاس نه ٿيڻ يعني فٽنيس ۽ ٻيا معاملا نه ڏسڻ جي ڪري گاڏيون ۽ ڊرائيور حادثا ڪري وجهن ٿا، نشي جي حالت ۾ ڊرائيوري ڪرڻ يا ڊرائيوري دوران نشو ڪرڻ به مسافرن جي موت جو سبب بڻجي ٿو، چوٿون هڪٻئي کان گوءِ کٽڻ جي بدمنستي ۾ به ڊرائيور اوورٽيڪ ڪندي سامهون ايندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي پاڻ توڙي ٻين جي موت جو ڪارڻ بڻجن ٿا، سنڌ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ۽ وڌندڙ روڊ حادثن جي ڪري جيڪي بيگناهه مسافر مارجي وڃن ٿا تن جو ڪو به تدارڪ ڪو نه ٿو ٿئي، نتيجي ۾ ڪي ماڻهو ته پنهنجي گهر جا اڪيلا ڪمائيندڙ هوندا آهن، جن جي مرڻ سان گڏجڻ ته انهن جا گهر به معاشي طور مري ٿا وڃن ۽ ٻرندڙ چلهيون وسامي وينديون آهن، حادثي ۾ عورتن جي مرڻ سان گهر مقام بڻجي وڃي ٿو، ٻار مرڻ سان ته ڄڻ گهر جو گلشن ئي اجڙي وڃي ٿو، سن ڀرسان ٿيل حادثي ۾ جيڪي مرد، مايون ۽ ٻار موت جو شڪار ٿيا آهن تن جي گهرن ۾ ته ماتم آهي پر زمين مان به ڪيترائي ماڻهو ن ته جيئري ئي موت جهڙي ڪيفيت ۾ آهن، سنڌ حڪومت کي سنڌ ۾ ٿيندڙ حادثن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ حادثن جي گڻ رخي سببن کي سمجهي ڪو قانوني حل ڳولڻ گهرجي ته جيئن سفر تي نڪرندڙ مسافر موت جي پنڌ جا پانڌيئڙا بڻجڻ بدران محفوظ نموني سان پنهنجي پنهنجي منزلن ۽ ماڳن تي پهچي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے