14 اڱارو , آگسٽ 2018

دهشتگردن جي مدد ڪندڙ ٻلي گرفتار

سنجوس(ويب ڊيسڪ) ڪوسٽاريڪا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي جيل ۾ قيد خطرناڪ قيدين تائين موبائيل فون پهچائيندڙ تربيت يافته بلي کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب وچ آمريڪا ۾ موجود ڪوسٽاريڪا نالي ملڪ ۾ حساس ادارن شڪ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي هڪ اهڙي تربيت يافته ٻلي کي حراست ۾ ورتو جيڪا جيل ۾ قيد خطرناڪ قيدين کي موبائيل فون پهچائڻ وارو ڪم ڪندي هئي. ڪوسٽاريڪا ميديا جي موجب جيلن ۾ موجود قيدين جي ساٿين ٻلي کي اهڙي مهارت جي تربيت ڏني آهي هو آساني سان موبائيل ڄاڻايل ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيندي آهي جنهن بعد ٻاهر موجود ماڻهن جو قيدين سان رابطو ٿيندو آهي. جيل انتظاميا کي شڪ هو ته قيدي موبائيل ذريعي ڪنهن سان رابطا ڪندا آهن جنهن جو اظهار هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان اعليٰ سطح تي ميٽنگ ۾ ڪيو. انتظاميا جي شڪايت تي حساس اداري جا اهلڪار متحرڪ ٿي ويا ۽ نيٽ ورڪ جو پتو لڳائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي. حساس ادارن ۽ انتظاميا کي ان وقت ڪاميابي ملي جڏهن رات جو جيل ۾ جي اندر ايندڙ ٻلي کي پڪڙيو ۽ ان جي جسم سان ويڙهيل چادر کي کوليو ته ان جي اندران موبائيل فون، چارجر ۽ هيڊ فون هٿ آئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادان ٻلي کي حراست ۾ وٺڻ بعد قيدين سان جاچ شروع ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چارسده ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

asچارسده  ( ويب ڊيسڪ ) چارسده  علائقي بٽ گرام ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے