24 خميس , مئي 2018

هارين کي عدم ادائيگيون:  سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ جي شگر مل مالڪن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ هارين کي ڪمند جي فصل جي عيوض ادائيگيون نه ڪرڻ تي سڄي ملڪ جي شگر مل مالڪن کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ هارين کي عدم ادائيگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.   ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون شگر ملون آهن؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته پنجاب 47، سنڌ ۾ 35 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 7 شگر ملون آهن.  جواب جي رد عمل ۾ چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورين شگر ملڪن جا مالڪ سڀاڻي اچن، مالڪ رڳو ڪنهن وڪيل جون خدمتون به حاصل نه ڪري سگهيا. چيف جسٽس چيو ته مالڪن کي شايد انا آهي، سمجهن ٿا ته ملون بند ڪري ڇڏينداسين پر آئون پنهنجن ماڻهن کي چوندس ته کنڊ وٺڻ بند ڪيو جڏهن ته مالڪن جي گهرن ۾ مهانگيون گاڏيون بيٺيون آهن. هڪ شگر مل ذريعي ٻئين ۽ ٽئين شگر ٺاهي وئي، شگر مل مالڪن آبادگارن کي پنهنجو محتاج سمجهن ٿا، مون کي خبر آهي اها ڏکيائي ڪيئن آسان ٿيندي.  چيف جسٽس چيو ته جن مالڪن ادائيگيون ڪيون آهن اُهي عدالت مان سرٽيفڪيٽ وٺن باقي شگر مل مالڪن سان آئون پاڻ ملڻ چاهيان ٿو،  سمورين شگر ملن جا مالڪ سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏين مون کي شگر مل جي ڪنهن ڊائريڪٽر، چيف ايگزيڪٽو کي ناهي گهرائڻو رڳو شگر ملن جي مالڪن کي گهرائڻو آهي. ٻڌڻي دوران آبادگار پنهنجي موقف ۾ چيو ته  مالڪن جي اچن سان مسئلو حل نه ٿيندو ڇو ته سڄي پاڪستان جو  بار نٿا کڻي سگهون ان ڪري عدالت سيشن جج جي سربراهي ۾ ضلعي سطح تي ڪميٽي بڻائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے