20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي نجات: تصوف يا سائنس ۽ فلسفو؟

(ڪراچي رپورٽر ) تصوف وٽ ڪو سياسي ۽ معاشي پروگرام ناهي. شاه لطيف فلسفي نه پر هڪ شاعر هو.تصوف جو نظريو بنيادي طورمزاحمت کان روڪي ٿو.تصوف ۾ ڪا فڪري سگهه ئي ناهي جو عوام جا معاشي مسئلا حل ڪري سگهي تصوف حقيقت ۾ فراريت کان سواءِ ڪجه به ناهي. .موجوده دور ۾ تصوف جي نئين سري سان تشريح ڪرڻ جي ضرورت آهي .انگريزن تصوف کي استعمال ڪري ئي اسان کي غلام بڻايو هو. ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ تصوف جي اصلي شڪل کي بگاڙي پيش ڪيو ويو آهي.تصوف جو مطلب پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري انساينت جي خدمت ڪرڻ آهي. تصوف جي بگڙيل صورتحال ۾ استحصالي قوتن جو هٿ آهي.تعليمي ماهر ڊاڪٽر ڪي ايس ناگ پال اهڙو اظهار ليکڪن ۽ دانشور ن عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ٽيون رخ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو ته سنڌ ۾ تصوف ڪو به ڇوٽڪارو يا نجات ڏيکارڻ کان وڌيڪ ڳچي جو ڳٽ ۽ ماڻهن کي دوکو ۽ فريب ڏيڻ کان سواءِ ڪجه به ناهي.تصوف کي فلسفي جي نظر سان ڏسڻو پوندو.جيڪڏهن ڪو به نظريو دليل سان لاڳاپيل ناهي ته اهو نظريو بي معني آهي.تصوف ۾ ڪو به سماجي يا معاشي نظريو ناهي.تصوف وٽ ڪو سياسي ۽ معاشي پروگرام ناهي.شاه لطيف فلسفي نه پر هڪ شاعر هو.تصوف جو نظريو بنيادي طورمزاحمت کان روڪي ٿو.تصوف حقيقت ۾ فراريت کان سواءِ ڪجه به ناهي.تصوف ۾ اها فڪري سگه ئي ناهي جو ماڻهن جا معاشي مسئلا حل ڪري سگهي.تصوف رڳو روحانيت جو نالو آهي باقي ان جو سماجي سائنس سان ڪو واسطو ناهي.دنيا جي مسئلن جو حل سيڪولرازم ۾ آهي.موجوده دور ۾ تصوف جي نئين سري سان تشريح ڪرڻ جي ضرورت آهي.انگريزن تصوف کي استعمال ڪري ئي اسان کي غلام بڻايو هو.تصوف جو بنيادي ڳانڊاپو درٻاري ڪلچر سان آهي.جڏهن تصوف جي باري ۾ ڪا هڪڙي راءِ ناهي ته صوفي يونيورسٽي جو قيام بي معني آهي.آغا سليم فرسوده تصوف کي نئون روپ ڏنو. سنڌ ۾ تصوف ڪو به ڇوٽڪارو يا نجات ڏيکارڻ کان وڌيڪ ڳچي جو ڳٽ ۽ ماڻهن کي دوکو ۽ فريب ڏيڻ کان سواءِ ڪجه به ناهي.تعليمي ماهر ڊاڪٽر ڪي ايس ناگ پال چيو ته تصوف جي اصلي شڪل کي بگاڙي پيش ڪيو ويو آهي.تصوف جو مطلب پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري انساينت جي خدمت ڪرڻ آهي.تصوف رڳو نظريو نه پر سماجي سائنس آهي.تصوف پابندين کان بغاوت جو اعلان ڪري ٿو.تصوف ڪو مذهبي نظريو نه پرعشق جو نظريو آهي.خلق جي خدمت ئي اصل ۾ خدا جي خدمت آهي.تصوف جي بگڙيل صورتحال جون ذميواري استحصالي قوتن جو هٿ آهي.تاريخ ۾ استحصالي قوتن هميشه مذهب کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي.ٿر ۾ مذهبي قوتن انتهاپسندي جوڄار وڇايو آهي.جنهن جي ڪري ماڻهو تصوف جي پرچار ڇڏي مذهبي قوتن ڏانهن لاڙو رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے