16 خميس , آگسٽ 2018

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو

راولنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو جتي هن ڪريملن پيلس ۾ روس جي زميني فوج جي ڪماڊر جنرل اوليگ ساليوڪوف سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان جي موجب پاڪستان فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪريملن پيلس آمد تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ان موقعي تي روسي فوج جي ڪمانڊر جنرل اوليگ ساليوڪوف دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. ڪمانڊر اوليگ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جغرافيائي اعتبار سان هڪ اهم ملڪ آهي ۽ روس پاڪستان سان موجوده گڏيل سعڪري سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه روسي فوج جي ڪمانڊر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان به روس سان ٻطرفا عسڪري لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. جنرل باجوه چيو آهي ته هلندڙ ڏينهن ۾ خطي ۾ پيچيده صورتحال جي حل ۾ روس مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان خطي سان تڪرار کي پري رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو جڏهن ته پاڪستان اهڙي حڪمت عملين تي عمل پيرا رهڻ جو خواهشمند آهي جنهن سان خطي ۾ ڏڦيڙ نه پر اتحاد جو ماحول پيدا ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے