25 جمعو , مئي 2018

جلد پاڪستان موٽڻ چاهيان ٿو پر ڊاڪٽر اجازت نه پيا ڏين: اسحاق ڊار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جلد کان جلد پاڪستان موٽڻ چاهيان ٿو پر ڊاڪٽر اڃا وطن واپسي جي اجازت نه پيا ڏين، ميڊيڪل رپورٽون مستقبل عدالت موڪلي رهيو آهيان. پنهنجي تازي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو آهي ته منهنجو 34 ورهين جو ٽيڪس رڪارڊ عدالت ۾ جمع آهي، ذاتي طور پئسي جي قدر ۾ گهٽتائي جي خلاف آهيان، ان معاملي تي سمورين سياسي پارٽين سان صلاح مشورو ڪيو وڃي ها، پارلياماني پارٽين کي ڪرنسي جي قدر ۾ تبديلي تي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها. هن چيو ته ڊالر جي قيمت ۾  12 رپيا اضافي سان ڪيترا ڊالر ملڪ ۾ آيا؟. پاڪستان کي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي جي ضرورت نه هئي. واضح رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار اڳوڻي ناڻي واري وزير بابت اهليت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار کي 8 مئي تي طلب ڪندي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے