14 اڱارو , آگسٽ 2018

قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس مان ٽن صوبن جي وڏن وزيرن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ ٽن صوبن جي وڏن وزيرن خدشن سبب واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ وزير اعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل به شرڪت ڪئي. صوبن جي سالياني بجيٽ ۽ ترقياتي پروگرامن تي خدشن سبب سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏن وزير اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو.  واڪ آئوٽ کان پوءِ ٽنهي وڏن وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پنجاب کي سمورن صوبن کان وڌيڪ ترقياتي فنڊ ڏنا ويندا آهن ۽ ننڍن صوبن جو بلڪل به خيال ناهي رکيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته اڄ قومي اقتصادي ڪونسل اجلاس ۽ گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس ٿيو ۽ قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ پي ايس ڊي پي تي بحث ٿيو. هن چيو ته موجوده حڪومت مئي ۾ ختم ٿيندي ۽ ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي موجوده حڪومت نٿي بڻائي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان خدشن جي ڪري قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو جنهن بعد اجلاس جو ڪورم ٽٽي پيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ اسان جون سفارشون نه گهريون ويون ۽ پنهنجي مرضي جون سفارشون شامل ڪيون ويون. پرويز خٽڪ چيو ته اجلاس ۾ چيو ته توهان اسان سان انصاف ناهيو ڪري رهيا، پهرين به اسان سان اهو ئي ڌوکو ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جون سفارشون به ناهن مڃڻيون ۽ پنهنجي مرضي جون سفارشون ئي شامل ڪرڻيون آهن ته پوءِ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان ان اجلاس ۾ چيو ته ٻه ٽي ٻاقي آهن رڳو ان جي بجيٽ پيش ڪيو ۽ باقي بجيٽ ايندڙ حڪومت کي تيار ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي. عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان 2018ع جي چونڊن ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ نئين بجيٽ جي نين اسڪيمن جي باري ۾ آئين جي موجب حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چارسده ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

asچارسده  ( ويب ڊيسڪ ) چارسده  علائقي بٽ گرام ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے