16 خميس , آگسٽ 2018

گڏيل مفادن واري ڪائونسل پهرين قومي واٽر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پهرين قومي واٽر پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن توڙي چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي پڌرائي موجب پهرين قومي واٽر پاليسي جي منظوري کانپوءِ واٽر ڪائونسل به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو سربراهه وزيراعظم هوندو. ڪائونسل ۾ ناڻي، توانائي، رٿابندي ۽ آبي وسيلن وارا وفاقي وزير شامل هوندو. پڌرائي موجب واٽر پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ آبي وسيلن واري وزير جي سربراهي ۾ اسٽيرنگ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے