25 جمعو , مئي 2018

نواز شريف جي امير مقام کي خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي مضبوظ بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف انجنيئر امير مقام کي مسلم ليگ ن کي خيبرپختونخواهه ۾ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن سان به رابطن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نواز شريف سان انجنيئر امير مقام چوڌري منير جي گهر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سياسي صورتحال، رابطا عوامي مهم ۽ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. امير مقام خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن بابت نواز شريف کي بريفنگ ڏني. نواز شريف عام چونڊن ۾ ڪاميابي جي لاءِ امير مقام کي ڪي پي ڪي ۾ مسلم ن کي وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي. امير مقام کي مختلف سياسي اڳواڻن ۽ پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن سان رابطن جي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جي عوام سان تبديلي جي نالي تي ڌوکو ڪيو.  مسلم ليگ ن خيبرپختونخواهه ۾ ڪاميابي حاصل ڪري صوبي کي ترقي ڏياربي. نواز شريف امير مقام کي هدايت ڪئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے