24 خميس , مئي 2018

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 اغوا ڪندڙ مارجي ويا، 7 سالن جو مغوي ٻارڙو بازياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊفينس ۾ پوليس مقابلي ۾ ٻه اغوا ڪندڙ مارجي ويا جڏهن ته 7 سالن جي ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي ڊفينس 26 اسٽريٽ تي ٿيل پوليس مقابلي ۾ 7 سالن جي ٻارڙي کي بازياب ڪرايو ويو جڏهن ته ٻن اغوا ڪندر مارجي ويا. ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ سرفراز نواز جو چوڻ آهي ته ڪارن شيشن ۽ بنا نمبر پليٽ واري گاڏي کي پوليس ٽيم بيهڻ جو اشارو ڪيو پر جوابدار گاڏي تي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس پارٽي سندن پيڇو ڪيو ۽ جوابدارن گاڏي کي روڪي ٻار کي وچ رستي ۾ لاهي ڇڏيو. ايس ايس پي موجب جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ ٻه اغوا ڪندڙ مارجي ويا، جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ  اهلڪار زخمي پڻ ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے