17 جمعو , آگسٽ 2018

رپورٽ: ڌارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جا احتجاجي مظاهرا

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪراچي ۾ڪارڪنن اعجاز سامٽيو، غلام قمبر حاجاڻو، غلام ڀٽي، منير مگسي، ارشد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي نادرا آفيس صفوران اڳيان احتجاج ڪيو.

حيدرآباد ۾ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر دودو مهيري، عبدالفتاح سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

سکر، لاڙڪاڻي ۽ باڊهه ۾ڪارڪنن  جڳديش آهوجا، محمود ڀٽو، قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نوشهري فيروز ۾خادم سيال، مهر وسطڙو، نوابشاهه ۾علي رضا خاصخيلي، عنايت چانڊيو ۽ خيرپور ۾امجد مهيسر جي اڳواڻي ۾نادرا آفس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

سانگهڙ ۾جبار جوڻيجو، علي ڏنو خاصخيلي، شڪارپور ۾عبدالحق سھنڌڙو، عبدالحليم مھر، ميهڙ ۾غلام مصطفي چانڊيو، اقرار چانڊيو، غوثپور ۾دلبر بنگوار، پيربخش بهلڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ۾ڪارڪنن حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو.

ڪنڊياري ۾قاري عبدالحڪيم گهانگھرو، انور سولنگي،  قاضي احمد ۾ڏاهري امام بخش، اصغر شاھه، ڪوٽڙي ۾عبدالفتاح چنا، ممتاز ڳورڙ ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ڪارڪنن حاتن شر، زاهد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو.

مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ڌارين جي آبادڪاري کي ناهي روڪيو ويو.  سنڌ ۾لکين ڌاريا آباد ڪيا ويا آهن جن ۾ برمي، افغاني، بنگالي ۽ ٻيون قومون غيرقانوني طور ترسيل آهن.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري سمورن غير ملڪين کي ڏنل ڪارڊ رد ڪيا وڃن ۽ نادرا چيئرمين کي هٽايو وڃي………………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

halani: Anti-Hezbollah protest against police against the heirs of the youth

نيوز: هالاڻي: وارثن پاران نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تي مراحبپور پوليس خلاف احتجاج

 هالاڻي ۾ وارثن پاران نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تي مراحبپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے