16 خميس , آگسٽ 2018

رپورٽ: وليم شيڪسپيئر جي اڄ 4 سئو ٻئين ورسي ملهائي پئي وڃي

جڳ مشهور شاعر ۽ ڊراما نگار وليم شڪسيپيئر جي اڄ 4 سئو ٻئين ورسي ملهائي پئي وڃي.

ادب، فن ۽ ڊرامن جي دنيا ۾ شڪسيپيئر جو ٻيو ڪو به مٽ ناهي.

شڪسيپيئر  1564ع ۾ انگلينڊ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾پيدا ٿيو، سندس پيءُ ڪاسائي هو ۽ ڳوٺ وارن جو مال چاريندو هو، هن جي ماءُ پڻ هڪ ڪڙمي جي ڌيءَ هئي.

مائٽن کيس لاطيني ٻولي، رياضي پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ اسڪول ڇڏيو پر وليم شيڪسپيئر جي اهو سڀ ڪجهه پڙهڻ ۾ دل نه لڳي، تنهن ڪري هن 18هين ورهين جي ڄمار ۾ پڙهڻ ڇڏيو ۽ فن، ناٽڪ جي دنيا جي دنيا ۾ پير پاتو.

شڪسيپيئر هڪ وڏو شاعر هئڻ سان گڏ وڏو ناٽڪ نويس هو، هن ناولن، لوڪ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن مان پنهنجي ناٽڪن لاءِ آکاڻيون کنيون ۽ انهن کي نوان رنگ ڏئي جدت آندي.

شڪسپيئر پهريون ڊرامو (Loves Labour Lost) لو ليبر لاسٽ لکيو، ان کانسواءِ شڪسپيئر جا ٻيا به ڊراما ”وينس، ريپ آف ٽڪريسيئا ۽ هيمليٽ مشهور آهن.

هن ڊرامن ۾به پنهنجي دور جي حالاتن، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي کي چٽيو ۽ ان جي عڪاسي ڪئي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو هن جا ناٽڪ ۽ ڊراما دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ٻولين ۾ترجمو ٿيا آهن ۽ اڄ به دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ سندس ناٽڪ اسٽيج تي پيش ٿيندا رهن ٿا………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Samaro: Police Determined to Proclaim

نيوز: سامارو: پوليس جي ڪارروائي، ناحق باندي بڻايل ناري آزاد

ساماري ۾ پوليس ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل ناري کي آزاد ڪرائي عدالت ۾ پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے