24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: جيڪب آباد: پيءُ ڪارنهن الزام هيٺ ڌيءُ ۽ نوجوان کي قتل ڪري فرار

جيڪب آباد  ويجهو پيءُ ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي ڌيءُ ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ عيدن ليڙواڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار غلام شبير ليڙواڻي گوليون هڻي  پنهنجي 16 ورهين جي ڌيءُ گرناز ۽ نوجوان نظير ليڙواڻي کي  قتل ڪري ڇڏيو

واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي ناري جو لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي خيري منتقل ڪيو.

اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي نوجوان نظير ليڙواڻي کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو.

هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪري مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران جوابدار جي پيءُ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

 آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Waggan: Polio campaign in city and near areas for 3 days

نيوز: وڳڻ : شهر ۽ ڀرپاسي ٽن ڏينهن واري پوليو مهم شروع

*وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي پاران ٽن ڏينهن واري پوليو مهم شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے