17 جمعو , آگسٽ 2018

مصري تاريخ جي سڀ کان وڏي هيروئن اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 5 پاڪستاني گرفتار

قاهره(ويب ڊيسڪ) مصري اختيارين ملڪي تاريخ جي هيروئن جي سڀ کان وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 5 پاڪستانين کي گرفتار ڪري ورتو. مصري اخبار منشيات جي خاتمي واري اداري کي 21 اپريل تي هڪ اطلاع مليو ته منشيات جي عالمي اسمگلرن جو گروپ احمر سمنڊ جي رستي هيروئن جي وڏي کيپ سفاجا پورٽ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي. رپورٽ موجب اختيارين سمنڊ کان 40 ميل جي فاصلي تي هڪ ايراني ٻيڙي تي ڇاپو هڻي ان تي سوار 5 پاڪستانين کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان هڪ ٽن 350 ڪلو گرام هيروئن هٿ ڪئي. مصري اختيارين موجب پڪڙيل هيروئن جي قيمت عالمي منڊي ۾ ساڍا 65 ارب رپيا ٻڌائي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے