25 جمعو , مئي 2018

پاناما ليڪس ۾ شامل اڳوڻي ڊي جي پورٽ قاسم اٿارٽي جي خلاف جاچ شروع

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاناما پيپرز ۾ نالو اچڻ کان پوءِ نيب اڳوڻي ڊي جي پورٽ قاسم اٿارٽي عبدالستار ڏيرو ۽ سندس گهرواري جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب اڳوڻي ڊي جي پورٽ قاسم عبدالستار ڏيرو ۽ سندس گهرواري خلاف جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نيب ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن جي خلاف نيب کي 3 مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عبدالستار ڏيري ۽ سندس گهرواري جو نالو پاناما پيپرز م آيو هو، جوابدارن غير قانوني طور تي آف شور ڪمپنيون بڻايون جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عبدالستار ڏيري سرڪاري عهدي تي رهندي ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي ان ڪري نيب کي جوابدارن خلاف جاچ جو اختيار ناهي، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ۾ چيو ته شريف فيملي جي خلاف به جاچ جو آغاز پاناما پيپرز ۾ نالو اچڻ کان پوءِ ڪئي وئي ۽ آف شور ڪمپنيون بڻائڻ تي نيب ڪيس بڻيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے