25 جمعو , مئي 2018

سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪڻڻ جو الزام: پي ٽي آءِ جي ميمبرن شوڪاز نوٽيس ڦاڙي ڇڏيا

نوشهره(ويب ڊيسڪ) سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ واري الزام کي منهن ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن عمران خان کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪندي شوڪاز نوٽيس ڦاڙي ڇڏيا.  تفصيل موجب نوشهره جي تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر قربان علي جي گهر اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ واري الزام کي منهن ڏيندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن نگينه خان، جاويد نسيم حيات، نرگس علي، ياسين خليل، زاهد دراني، وجيه الزمان، عبيد مايار، عبدالحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ قربان علي، وجيه الزمان ۽ ياسين خليل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان طرفان شوڪاز نوٽيس انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، پنجاب کي کٽڻ ۽ شيرواني پائڻ جي لاءِ اسان کي بدنام ڪيو ويو، اسان 15 ڏينهن جو وقت ڏيون ٿا جيڪڏهن معافي نه گهري ته اسان عدالت سان رابطو ڪنداسين ۽ پوءِ اسان سڀ ڪجهه سامهون آڻينداسين، پارٽي جي ڪارين رڍن کي ”خٽڪ ڊٽرجن پائوڊر“ سان وهنجاري صاف ڪيو ويو اسان پڇون ٿا ته ڇا اميدوارن کي پارٽي جي ٽڪيٽ لاءِ 4-4 ڪروڙ رپيا ناهن ڏنا؟ ان موقعي تي قربان علي شوڪاز نوٽيس ڦاڙيندي مطالبو ڪيو ته الزامن جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي جڏهن ته وڏي وزير جو صلاحڪار عبدالحق عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے