16 خميس , آگسٽ 2018

ٽرانسپورٽ واري وزير گرين لائن ڪوريڊور مڪمل هئڻ واري دعويٰ رد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته گرين لائن ڪوريڊور مڪمل هئڻ بابت وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي غلط اطلاع ڏنو ويو آهي. بس ته ڇا پر جيڪڏهن ان تي موٽر سائيڪل به هلي ته انعام ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي گرين لائن ڪوريڊور مڪمل هئڻ واري دعويٰ بابت ناصر شاهه چيو ته گرين لائن ڪوريڊور تي بس ته ڇا پر جيڪڏهن موٽر سائيڪل به هلي ته انعام لاءِ تيار آهيان.  ناصر حسين شاهه چيو ته شوباز شريف رنگ باز آهي، جڏهن کان نواز شريف نااهل ٿيو آهي هو خوش آهي ۽ ڪراچي اچي خوشي ملهائيندو آهي. سنڌ ۾ بجلي چوري جي معاملي تي ناصر حسين شاهه چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ته گورنر هائوس ۾ ٿيندي آهي ته ڇا اُهو به چور آهي، عابد شير علي اهڙا ئي الزام هڻندو هو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خط نه پر فون به ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے