25 جمعو , مئي 2018

ڪراچي ۾ بجلي چوري: وزير اعظم جي بيان تي مصطفيٰ ڪمال جو رد عمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال وزير اعظم تي تقرير تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي وارا بجلي جي مد ۾ وڌيڪ پيسا وٺي رهيا آهن. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي وچ ۾ اداراتي تڪرار جي ڪري پيدا ٿيل بجلي بحران ختم ڪرڻ لاءِ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو هو ته جڏهن ڪراچي وارا سئو سيڪڙو بل ادا ڪندا چوري نه ڪندا ته لوڊشيڊنگ به ختم ٿي ويندي. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيان ۾ چيو ته لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪراچي جي بزنس ڪميونٽي جا ماڻهو ڏاڍا پريشان آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي اسٽي آرڊر تي اعليٰ عدليه نوٽيس وٺي. هن سنڌ جي وڏي وزير طرفان خطن جي سلسلي کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو رڳو خط نه لکي پر پنهنجي ٽيليفون استعمال ڪري. ڪراچي کي اسان کان پهرين ڪنهن به نه بڻايو نه بعد ۾ ڪير بڻائي سگهيو، اسان ڪراچي تي ٽي سئو ارب رپيا خرچ ڪيا، هڪ رپيو به حرام ناهي ڪمايو. پي ايس پي جي چيئرمين اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي بيان تي به رد عمل ڏيندي چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو چوندڙ کي چوان ٿو ته ووٽ ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو آهي، ووٽ نه پر ووٽر کي عزت ڏيو، ووٽر انسان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے