25 جمعو , مئي 2018

پاڪستاني ٽيم انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري لاءِ لنڊن پهچي وئي، محمد عامر کي ويزا نه ملي سگهي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري لاءِ لنڊن پهچي وئي. قومي ٽيم آچر ۽ سومر جي وچولي رات لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان رواني ٿي هئي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به ٽيم جي لنڊن پهچڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. لنڊن پهتل رانديگرن ۾ ڪپتان سرفراز احمد، اظهر علي، امام الحق، سميع اسلم، حارث سهيل، بابر اعظم، فخر زمان، سعد علي، اسد شفيق، اسامه صلاح الدين، شاداب خان، حسن علي، راحت علي ۽ فهيم اشرف شامل آهن. فاسٽ بالر محمد عباسي پهرين ئي انگلينڊ ۾ موجود آهي جڏهن ته فاسٽ بالر محمد عامر کي هن وقت تائين ويزا ناهي ملي سگهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته محمد عامر اربع تائين لنڊن روانو ٿي ٽيم کي جوائن ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر جي گهرواري برطانوي شهري آهي ۽ محمد عامر برطانيا جي شهريت جي درخواست به ڏئي رکي آهي، ان ڪري برطانوي هاءِ ڪميشن پاڪستان ٽيم کي ويزا جاري ڪئي، پر عامر کي ويزا نه ملي سگهي. پي سي بي پرُاميد آهي ته محمد عامر کي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ويزا ملي ويندي، جنهن بعد هو سفر ڪري سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے