24 خميس , مئي 2018

هر هر سمارٽ فون ڏسڻ  جي عادت نشي جيان هوندي آهي: ماهر

 نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ماهرن خبردار ڪيو آهي هر هر سمارٽ فون  ڏسڻ جي عادت ان شخص کي منشيات جي عادت جيان جڪڙي ڇڏيندي آهي.ماهرن  موجب سمارٽ فون جو استعمال اهڙي طرح آهي جهڙي طرح ڪو شخص منشيات استعمال ڪندو آهي پر ان جا باقاعدا سائنسي سبب آهن جن کي ڄاڻن تمام ضروري آهي. شروع شروع ۾ سوشل ميڊيا ايپس جي نوٽيفڪيشن جي آواز کي نظرانداز ڪرڻ مشڪل هوندو آهي ان کانپوءِ ان جو انتظار رهندو آهي ۽ ان کانپوءِ اها هڪ نشي جي عادت بڻجي ويندي آهي ان موقعي تي سمارٽ فون جو استعمال منشيات جي استعمال جهڙو ٿي ويندو آهي اهڙن ماڻهن ۾ اداسي، اڪيلائي ۽ بي چيني جو تناسب به تمام وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ته سمارٽ فون جي عادت دماغ جي اندر خلين جي رابطن عين اهڙي طرح ڪري ڇڏيندي آهي جهڙي طرح منشيات استعمال ڪرڻ واري جي دماغ ۾ هوندا آهن جهڙي طرح ماڻهو پاڻ کي وسارڻ ۽ سور ختم ڪرڻ لاءِ چرس جو نشانو استعمال ڪندا آهن اهڙي طرح اهي سمارٽ فون تي سوشل ميڊيا ايپس کي هر هر کولي ڏسندا رهندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

How can you get a good sleep?

سٺي ننڊ ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن موجب ڪيترائي اهڙا ڪم آهن جيڪي اسان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪندا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے