25 جمعو , مئي 2018

پارليامينٽ حملو ڪيس: پرويز خٽڪ عدالت ۾ پيش، عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ پرويز خٽڪ جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڇڏي. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پهتو جتي هو جج جوثر عباسي زيدي جي عدالت ۾ پيش ٿيو.  عدالت پرويز خٽڪ جي اڃ تائين جي لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري رکي آهي جنهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.  ضمانت ۾ واڌ بعد ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز ختڪ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرويز خٽڪ چيو ته ڪجهه ميمبرن جي وڪامجڻ تي افسوس ٿيو پر اسان پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جي خلاف ايڪشن ورتو، ٻين پارٽين ۾ همت آهي ته اُهي به ايڪشن وٺن. هن چيو ته عمران خان جي پارٽي ۾ ائين نٿو ٿي سگهي ته غلطي تي سزا نه ملي، مجبور ٿي اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي، ن ليگ جي جن ماڻهن ٻاهر ووٽ ڏنو انهن جي خلاف ميان صاحب ڪارروائي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته مون فيصلو ڪيو هو ته بلوچستان کي سپورٽ ڪرڻو آهي، فاٽا سان گڏ بيٺا هجن ها ته سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سندن ئي هجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے