24 خميس , مئي 2018

انور مقصود تڪراري ويڊيو جاري ڪرڻ تي  سنڌي قوم کان معافي گهري ورتي

ڪراچي(شوبز نيوز)  مشهور فنڪار انور مقصود هڪ سنڌي جو انٽرويو نالي سان تڪراري ويڊيو ٺاهڻ تي سنڌ قوم کان معافي وٺي ڇڏي. انور مقصود سوشل ميڊيا تي انور نامه تان سريز پروگرام ڪندو آهي، مشهور فنڪار سريز ۾ ”هڪ سنڌي جو انٽرويو“ جي نالي سان مزاحيه پروگرام تي سوشل ميڊيا تي طوفان مچي ويو ۽ سنڌي ٻولي جي ڏاهن، دانشورن، اديبن،صحافين ۽ نوجوانن طرفان انور مقصود جي اهڙي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.انور مقصود ان پروگرام ڪرڻ تي سنڌي قوم کان معافي گهرندي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ ان تڪرار ويڊيو کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي،پر ڄاڻايل ويڊيو ٻين سوشل ميڊيا واهپيدارن جي اڪائونٽن تي موجود آهي.انور مقصود پنهنجي وضاحتي بيان تي ٻڌل نئين ويڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هو بوکلائپ ۽ پريشاني واري حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي.پنهنجي جاري ڪيل وضاحتي ويڊيو بيان ۾ انور مقصود چيو آهي ته هو سنڌي ٻولي کي ڄاڻي ٿو ۽ سندس ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪو به تعلق ناهي،انور مقصود چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري پڻ سندس سٺي ڄاڻ سڃاڻ رهي آهي، هڪ سنڌ جو انٽرويو وارو ويڊيون رڳو هڪ مذاق تي ٻڌل پروگرام هو. پر ان باوجود جيڪڏهن ڪنهن جي ان مزاحيه ويڊيو سبب دل آزاري ٿي آهي ته هو انهن کان معافي گهري ٿو.انور مقصود ملڪ جي مشهور ترين شخصيتن مان هڪ آهي جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شوبز انڊسٽري سان سالهاڙيل آهي، هڪ اداڪار، شاعر، ليکڪ، ٽي وي ميزبان، مزاحيه ڪالم نگار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ مصور پڻ آهي، انور مقصود ملڪ جي اهم مسئلن کي تمام سادي نموني سان مزاحيه انداز ۾ ناظرين جي اڳيان پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.لوذ ٽاڪ سندس مشهور پروگرام هو جيڪو هو معين اختر سان گڏ ڪندو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوشل ميڊيا ٽرول تي ڌيان ناهيان ڏيندي: ٽوئنڪل کنا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ايڪشن اسٽار اڪشي ڪمار جي گهرواري اداڪارا ٽوئنڪل کنا چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے