25 جمعو , مئي 2018

ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ۾ تڪرار ختم، اڄ کان گئس جي فراهمي جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ۾ تڪرار ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ گئس جي فراهمي جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ۾ تڪرار بابت گورنر هائوس ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر محمد زبير، توانائي واري وزير اويس لغاري، سوئي سدرن گئس ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندن سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ۾ تڪرار 15 ڏينهن اندر حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ضرورت موجب گئس فراهم ڪئي ويندي، 15 ڏينهن ۾ ٻيا مسئلا به حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بجلي جي بحران تي وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪو به تڪرار ناهي، مسئلن جي نشاندهي ڪري اهي حل ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ضرورت کي موجب گئس فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڻي هوندو ته بجلي به پيدا ٿيندي، ڪراچي مان لوڊشيڊنگ جلد ختم ٿي ويندي، جڏهن ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي سرڪاري تحويل ۾ نه ورتو ويندو، ملڪ ۾ بجلي طلب کان وڌيڪ موجود آهي. سندس چوڻ هو ته بلن جي ادائيگي ٿيندي ته لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ لکي ڏنو آهي ته فرنس آئل تي هلندڙ سمورا پلانٽ هلي رهيا آهن. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ چارج ڪري سگهي ٿي ۽ چارج لڳائي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته گرين لائن بس سروس بابت پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي هاڻي بسون صوبائي حڪومت کي هلائڻيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے