25 جمعو , مئي 2018

شيخ رشيد ووٽ لاءِ ڪيترائي ڀيرا نااهل ٿيو پر امپائر کيس ٻيهر بيهاري ڇڏي ٿو: صفدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته شيخ رشيد ووٽ کان ڪيترائي ڀيرا نااهل ٿي چڪو آهي پر امپائر کيس ٻيهر بيهاري ڇڏيندو آهي، ظاهري طور هڪ حڪومت هلي رهي آهي پر حڪم مٿان ملن ٿا. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن صفدر چيو ته چيف جسٽس کي شيخ رشيد جي بيانن جو جائزو وٺڻ گهرجي، مارشل لا جي ڳالهه ڪندڙن کي پهريون ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته سراج الحق جي بيان مان لڳي ٿو ته امپائر سندس ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، هو پنجن سالن تائين پي ٽِي آءِ جي تباهين ۾ شامل رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته سراج الحق اهو داغ به ڌوئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته حڪومت آهي ئي نه  رياست تي به حڪم مٿان اچي رهيا آهن، فرشتن لاءِ ايندڙ حڪومت خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ڪيپٽن صفدر چيو ته اڄ ڪلهه هڪ نوجوان پنهنجي حقن لاءِ نڪتل آهي، تنهن کي به ٻڌڻ گهرجي ٻي صورت ۾ گوڙ وڌي ويندو. هن چيو ته اسان کي سياست ڪرڻ ڏني وڃي، ظاهري طور حڪومت جي پويان ڪجهه ٻيا ماڻهو هوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے