25 جمعو , مئي 2018

فرضن ۾ غفلت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور عهدي تان معطل

لاهور(ويب ڊيسڪ)  نيب چيئرمين ريٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال ناقص ڪارڪردگي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر جي خلاف به انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر رمضان کي مطعل ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر ڪاشف ممتاز گوندل خلاف انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڪرپٽ ۽ غير ذميوار ماڻهن جي اداري ۾ ڪا به جاءِ ناهي، نيب ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي،  احتساب سڀني واري پاليسي تي عمل پيرا آهيون.  هن چيو ته نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر رمضان کي صفائي جو پورو موقعو ڏنو ويندو، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر ڪاشف گوندل کي مس ڪنڊڪٽ تي ٽن مهينن لاءِ معطل ڪيو هو. نيب ترجمان موجب نيب مان هن وقت تائين 23 آفيسر ۽ ملازم معطل جڏهن ته 32 کي وارننگ سان گڏ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے