16 خميس , آگسٽ 2018

نقيب الله قتل ڪيس: پوليس رائو انوار کي مرڪزي جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ پوليس اڳوڻي ايس ايس پي ملي رائو انوار کي مرڪزي جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ضمني چارج شيٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مبينا پوليس مقابلي وقت رائو انوار ئي پوليس پارٽي جي قيادت ڪري رهيو هو. ان حوالي سان سينٽرل ضلعي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان احمد سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بڻايل جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي بنيادن تي ضمني چارج شيٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي هڪ نقل ميڊيا جي ادارن وٽ پهتي آهي. اکين ڏٺي شاهدن جي بيانن ۽ ثبوتن ۽ شاهدين موجب رائو انوار ئي ان مبينا پوليس مقابلي ۾ مرڪزي ڪردار  ادا ڪيو. رپورٽ موجب جاچ دوران رائو انوار پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے