25 جمعو , مئي 2018

سنڌ گيمز جي بندوبستن جي ذميواري وفاق وٽ هئي: راندين وارو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راندين واري صوبائي وزير سنڌ گيمز جي انتظامن جو ذميوار وفاق کي قرار ڏنو. گذريل ڏينهن سنڌ گيمز جي هڪ ويڊيو ۾ ناقص انتظامن سامهون آيا هئا، والٽ جمپ ڪندڙ رانديگرن کي انتهائي ناقص گدا ڏنا ويا. ويڊيو کان پوءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ گيمز انتظاميا تي سخت تنقيد ڪئي هئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد بخش مهر سنڌ گيمز جي بندوبستن تي وضاحت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ گيمز جي انتظامن جي ذميواري صوبائي حڪومت کي ناهي ملي اُها وفاق وٽ هئي. هن چيو ته خراب گدا پاڪستان اسپورٽس بورڊ ڏنا هئا، خراب گدن جي ذميوارن کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو هو. راندين واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ گيمز جا 15 ماڳن تي مقابلا ٿيا جنهن ۾ رڳو نيشنل ڪوچنگ مان شڪايت آئي، اسان سنڌ ۾ راندين جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته ايٿليٽڪس مقابلا نيشنل ڪوچنگ سينٽر ۾ ٿي سگهن ٿا، ڪراچي ۾ ڪو ٻيو مقام ناهي جتي ايٿليٽڪس ٽريڪ هجي جڏهن ته حيدرآباد ۾ عالمي ايٿليٽڪس ٽريڪ بڻايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے