24 خميس , مئي 2018

شهباز شريف نالو تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪراچي ڪيئن آيو: نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته ميان شهباز شريف نالو تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪيئن آيو آهي، شهباز پنهنجي ڀاءُ کي تبديل ڪري پارٽي تي قبضو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ فنڪار ساجد حسن ۽ سندس خاندان طرفان پ پ ۾ شامل ٿيڻ دوران پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته ٽن مهينن ۾ بجلي بحران ختم نه ڪيو ويو ته نالو تبديل ڪري ڇڏيندس، بجلي بحران ته ختم نه ٿيو آهي، پوءِ شهباز شريف نالو تبديل ڇو نه ڪيو آهي. هن چيو ته اِٽي ڏڪر الائينس عوام لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ بارداڻو گھري رهيو آهي، اسيمبلي جي ڏاڪڻن تي احتجاج ڪندڙن وٽ هڪ ويسو به زمين جو ناهي پوءِ باراداڻو ڪيڏانهن ڪندا. سندس چوڻ هو ته فنڪار ۽ اداڪار حساس طبيعت جا ٿيندا آهن، آمريتن ماڻهن کي تڪليفون ڏنيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري نوجوان آهي، هو آمرن سان  به اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائڻ جي همت رکي ٿو ۽ پنهنجي ذات کان ٻاهر نه نڪرندڙ کي به ٻڌائي ٿو ته توهان کانسواءِ عوام به آهي. نثار کهڙي چيو ته مشرف دور ۾ ڪڻڪ جو اگھه 5 سئو رپيا هو، اسان 13 سئو رپيا اگھه مقرر ڪيو آهي، اڳ 6 لک ٽن ڪڻڪ خريد ٿيندي هئي، اسان هاڻ 14 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے