24 خميس , مئي 2018

وڏي وزير جي لاڳاپيل عملدارن کي پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻه مهينا اهم آهن، جنهن دوران پاڻي بحران تي ضابطو آندو وڃي، ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ سينٽرل وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڻي جي صورتحال تي اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، مڪاني کاتي واري وزير ڄام خان شوري سميت لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي صورتحال بابت وڏي وزير کي ڄام خان شوري بريفنگ ڏني. بريفنگ ڏيندي ڄام خان شوري چيو ته ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 70 لک آهي ۽ پاڻي جي گهرج 9 سئو 18 ايم جي ڊي آهي، هن وقت 4 سئو 80 ايم جي ڊي پاڻي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ضلعي اوڀر ۽ سينٽرل ۾ پاڻي کوٽ آهي، ايندڙ ٻه مهينا اهم آهي، جنهن دوران پاڻي کوٽ تي ضابطو آندو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے