25 جمعو , مئي 2018

ملڪ دشمنن هٿان امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ميرانشاهه (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته قبائلين جا مسئلا هتي رهندي ئي حل ڪرڻا آهن ۽ کين ملڪ دشمنن جي ور چڙهڻ ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرانشاهه ۾ واپارين جي جرڳي سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جي هدايت تي واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ جرڳو ٿيو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪو به مسئلو اهڙو ناهي، جيڪو ڳالهين سان حل نه ٿي سگهي، قبائلين فورسز سان گڏجي ملڪ ۾ امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته آپريشن سان دهشتگردي ختم ٿي، هاڻ اڳ کان بهتر ماحول ملندو، عوامي مسئلن جو حل رياست جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ دشمنن هٿان امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے