14 اڱارو , آگسٽ 2018

سراج الحق پي ٽي آءِ جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا: فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سراج الحق سينيٽ چونڊن جي حوالي سان پي ٽي آءِ جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، اهو ڪهڙو انصاف آهي جو وزيراعظم کي ڳلي کان پڪڙي عدالتن ۾ گِهليو پيو وڃي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته ملڪ جي وزيراعظم کي هڪ ٻه ڪمپنين جي ڪري اقتدار تان هٽايو ويو، لڪي مروت جي پي ٽي آءِ اڳواڻ جون پاناما ۾ 34 ڪمپنيون آهن. هن چيو ته نواز شريف کي ڳلي کان پڪڙي عدالتن ۾ گهليو پيو وڃي، ڇا اهو انصاف آهي؟  قوم سان ڀوڳ ڪيو پيو وڃي، ادارا به ته ڪجهه انصاف وارو ڪم ڪن، رڳو سياستدانن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ عجيب انصاف هلي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چارسده ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

asچارسده  ( ويب ڊيسڪ ) چارسده  علائقي بٽ گرام ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے