25 جمعو , مئي 2018

شاهه محمود قريشي طرفان سنڌ مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته روڪي سگهو ته روڪيو، ايندڙ چونڊون سنڌ مان وڙهندس، عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ مقابلو ٿيندو، پ پ جو ڪو حصو نٿو ڏسان. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ غوثيا جماعت کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻي آهي ته ذات کان هٽي فيصلا ڪرڻا پوندا، ان لاءِ ضروري آهي ته ذات کي ڇڏي رڳو ملڪ لاءِ سوچجي. شاهه محمود قريشي چيو الميو اهو آهي ته جنهن طريقي سان ملڪ کي هلايو پيو وڃي، ائين ملڪ ناهي هلائبو، ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جو اهو حال ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ پاڪستان جو دنيا ۾ قدر ناهي رهيو. هن چيو ته مستقبل ۾ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي، اسان ملڪ مان ڪرپٽ مافيا جو راڄ ختم ڪري ڇڏينداسين، ملڪ جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے