14 اڱارو , آگسٽ 2018

هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ٿئي ته ڦاهي ڏئي ڇڏيو: اسفند يار ولي

چارسدا (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته 18هين ترميم سان هٿ چراند جو حق ڪنهن کي به نه ڏينداسين، صوبي جو نالو مَٽائڻ سان پختونن کي سڃاڻپ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چارسدا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته مون تي هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته ڦاهي ڏئي ڇڏجو. اي اين پي سربراهه جو چوڻ هو ته ڪي پي ۾ تبديلي نظر نه پئي اچي، سي پيڪ لاءِ اسان سان واعدا ڪيا ويا ته ڪي پي جي عوام کي حق ڏنا ويندا، قوم کي خبر پوڻ گهرجي ته حقيقت ڇا آهي. هن چيو ته پرويز خٽڪ جي ڪرپشن خلاف نيب جاچ شروع ڪئي آهي، ووٽ خريد ڪندڙ چوڌري سرور خلاف ڪڏهن ڪارروائي ٿيندي؟.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چارسده ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

asچارسده  ( ويب ڊيسڪ ) چارسده  علائقي بٽ گرام ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے