14 اڱارو , آگسٽ 2018

اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جا ڌماڪا، هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

پشاور (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جا ٻه ڌماڪا ٿيا آهن، جن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن. پهريون بارودي سرنگهه جو ڌماڪو دتا خيل جي علائقي دري واستي ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي پڻ ٿيا، ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي به نقصان پهتو. اهو ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو هو، جڏهن ته ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بارودي سرنگهه جو ٻيو ڌماڪو ميران شاهه جي علائقي ڪم سروبي ۾ ٿيو پر ان ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. پهرين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) منتقل ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چارسده ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

asچارسده  ( ويب ڊيسڪ ) چارسده  علائقي بٽ گرام ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے