22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

دنيا جي 95 سيڪڙو آبادي هوائي آلودگي ۾ ساهه کڻڻ تي مجبور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي 95 سيڪڙو آبادي آلودا هوا ۾ ساهه کڻڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته ترقي يافتا ملڪن جا غريب ماڻهو ان جو وڌيڪ شڪار آهن. ان ڳالهه جو انڪشاف هيلٿ افيڪٽ انسٽيٽيوٽ (ايڇ اي آءِ) پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل اسٽيٽ آف گلوبل ايئر رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب سال 2016ع ۾ سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 61 لک ماڻهو فضائي آلودگي سبب موت جو شڪار ٿيا، ڇو ته آلودا هوا دل جي دوري، اڌ رنگ، ڦڦڙن جي ڪينسر ۽ ساهه جي مرضن جو سبب بڻجي ٿي، جيڪي اڳتي هلي موت تائين پهچي وڃن ٿا.  هيلٿ افيڪٽ انسٽيٽيوٽ جي وائيس پريزيڊنٽ اوڪيفي موجب هوائي آلودگي حقيقت ۾ سڄي دنيا مان وصول ٿيندڙ هڪ قسم جو ٽول ٽيڪس آهي، جنهن جي ڪري ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائيون پيدا ٿين ٿيون ۽ نتيجي ۾ پوڙهن کان ويندي نوجوانن تائين اسپتال وڃي پهچن ٿا، ٻارن جو اسڪول وڃڻ ۽ ماڻهن جو ڪم ڪرڻ معطل ٿي وڃي ٿو، روزاني بنياد تي موت جو وڏو سبب فضائي آلودگي به آهي. رپورٽ موجب آلودگي سبب فوت ٿيندڙن جي اڪثريت ترقي يافتا ۽ پٺ تي پيل ملڪن ۾ رهندڙ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي آهي. سڄي دنيا ۾ فضائي آلودگي سبب مري ويندڙ 61 لک ماڻهن مان 50 سيڪڙو ماڻهن جي موت جا ذميوار رڳو چين ۽ ڀارت آهن. ڀارت ۾ هر چئن مان هڪ ۽ چين ۾ هر پنجن مان هڪ ماڻهو فضائي آلودگي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين مان مري ٿو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چين فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جڏهن ته پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ 2010ع کانپوءِ فضائي آلودگي ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے